Book Name:Iman ke Salamti

هزار (1000)سالن تائين جواب نه ڏيندو، هزار سالن کان پوءِ فرمائيندو: مون کي ڇو ٿا چئو، ان کي چئو جنهن جي نافرماني ڪئي اٿوَ! هزار سالن تائين رَبُّ العزت کي اُن جي رحمت جي نالن سان پڪاريندا، هو هزار سالن تائين جواب نه ڏيندو، ان کان پوءِ فرمائيندو ته اهو فرمائيندو: پري ٿي وڃو! جهنم ۾ پيل رهو! مون سان نه ڳالهايو!! ٭ ان وقت ڪافر هر قسم جي خير(ڀلائي) کان نا اُميد ٿي ويندا ۽ ٭ گڏھ جهڙي آواز جيان رڙيون ڪري روئندا، ٭ شروع ۾ لڙڪ وهندا، ٭ جڏهن لڙڪ ختم ٿي ويندا ته رَت روئندا، ٭ روئيندي روئيندي ڳلن ۾ کڏا پئجي ويندا، ٭ روئڻ وارو رت ۽ پونء ايتري قدر هوندو جو جيڪڏهن ان ۾ ڪشتيون وڌيون وڃن ته هلڻ لڳن (اَلْاَمَان وَ الْحَفِيظ)۔ (بہار شریعت ، حصہ :۱، ۱/ ۱۶۵تا ۱۶۹ملتقطا)

عزيزن جي روپ ۾ ايمان تي ڌاڙو

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۾ اچڻ لاءِ ته اسان اچي وياسين پر هاڻي دنيا مان ايمان کي سلامت کڻي وڃڻ جي لاءِ سخت دشوار گذار گھاٽين مان گذرڻو پوندو ۽ پوءِ به ڪا خبر ناهي ته خاتمو ڪهڙو ٿيندو! ياد رکو!!موت جي وَقت ايمان کسڻ جي لاءِ شيطان طرح طرح جا حيلا بهانا ڪندو آهي ايستائين جو ماءُ پيءُ جو رُوپ ڌاري به ايمان تي ڌاڙو هڻندو آهي ۽ ڪڏهن مرڻ واري جي سامهون سڪرات جي وقت ان جي پيارن جي صورت اپنائي ايندو آهي ۽ يهود ونصاريٰ کي دُرُست ثابِت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري مرڻ واري کي يهودي يا نصراني مذهب اختيار ڪرڻ جو چوندو آهي ته ڪڏهن ايمان کسجڻ جي ڪا ٻي چال هلندو آهي۔ يقيناً اهو اهڙو نازُڪ موقعو هوندو آهي ته بس جنهن تي الله پاڪ جو خاص ڪرم ۽ اِحسان هجي اهو ئي ڪامياب و ڪامران ٿيندو آهي ۽ ان جو ايمان سلامت رهندو آهي۔ جيئن ته

          اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسنّت، مولانا شاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فتاوٰي رضويه جلد 9 صَفحي 83 تي فرمائن ٿا: دمِ نَزع (يعني سڪرات جي وقت) ٻه شيطان، انسان جي ٻنهي پاسن کان اچي ويهندا آهن هڪ ان جي پيءُ جي شڪل ۾، ٻيو ماءُ جي۔ هڪ چوندو آهي: اهو شخص يهودي ٿي مُئو تُون (به) يهودي ٿي وڃ ڇوته يهودي اتي وڏي سُک ۾ آهن۔ ٻيو چوندو آهي: اهو شخص نصراني (ٿي دنيا مان) ويو تُون به نصراني ٿي وڃ ڇوته نصراني اتي وڏي آرام سان آهن۔( فتاوی رضویہ، ۹/۸۳)

ايمان تي موت اچي ته اڄ ۽ هينئر ئي اچي!