Book Name:Iman ke Salamti

حضرت عبدُ الله مؤذن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته: آئون ڪعبي جو طواف ڪري رهيو هُيس ته هڪ شخص تي نظر پئي جيڪو ڪعبي جي غلاف سان چنبڙي هڪ ئي دعا هر هر ورجائي رهيو هو. يا الله مون کي دنيا مان مسلمان ئي رخصت ڪجان. مون هُن کان پڇيو؛ هن دعا کان علاوه ڪا ٻي دُعا ڇو نٿو گهرين؟ هُن چيو؛ منهنجا ٻه ڀائر هئا، وڏو ڀاءُ هڪ عرصي تائين مسجد ۾ بنا معاوضي جي اذان ڏيندو رهيو جڏهن اُن جي موت جو وقت آيو ته هن قرآن پاڪ گُهريو، اسان ان کي ڏنو ته جيئن قرآن پاڪ مان برڪتون حاصل ڪري، پر قرآن شريف هٿ ۾ وٺي ڪري هُو چوڻ لڳو؛ توهان سڀئي گواھ ٿي وڃو ته آئون قرآن جي سڀني اعتقادن ۽ احڪامن کان بيزار آهيان ۽ نصراني (يعني عيسائي) مذهب اختيار ڪريان ٿو. پوءِ هُو مري ويو. اُنهي کان پوءِ ٻئي ڀاءُ 30 سالن تائين مسجد ۾ فِي سبيل الله اذان ڏني پر هن به آخري وقت نصراني هئڻ جو اعتراف ڪيو ۽ مري ويو. تنهنڪري آئون پنهنجي خاتمي جي باري ۾ تمام گھڻو فڪرمند آهيان ۽ هر وقت خاتمو بالخير جي دعا گهرندو رهان ٿو. حضرت سيِّدُنا عبدالله مُؤذِّن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن اُن کان حقيقت معلوم ڪئي ته آخر تنهنجا ٻئي ڀائر اهڙو ڪهڙو گناهه ڪندا هئا؟ هن ٻڌايو؛ ”اُهي غير عورتن ۾ دلچسپي وٺندا هئا ۽ اَمردن (يعني بنا ڏاڙهي وارن ڇوڪرن) سان دوستي ڪندا هئا“۔ (الروض الفائق،المجلس الثانی،ص۱۴)

مِرا دل ہو پُر حُبِّ جاناں سے یا رَبّ                        بچا ہر گھڑی جُرم و عِصیاں سے یا رَبّ

میں دُنیا سے جس دم چلوں جاں سے یا رَبّ              نہ خالی ہو دل میرا ایماں سے یا رَبّ

بري خاتمي جا چار سبب

   شرح الصدور ۾ آهي، ڪجهه عالِمَ سڳورا فرمائن ٿا: بري خاتمي جا چار سبب آهن. (1) نماز ۾ سستي (2) شراب نوشي (3) والدين جي نافرماني (4) مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ.  (شرحُ الصُّدور ص ۲۷)

اميراهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: بري صحبت ايمان جي لاءِ تمام خطرناڪ آهي پر افسوس! اسان برن دوستن کان پاسو نٿا ڪيون، ڪچهرين جي مجلسن کان پاڻ کي نٿا بچايون، مذاق مشڪرين، کان جان نٿا ڇڏايون. افسوس بري صحبت جي نحوست اهڙي ڇانيل