Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

سنّت تي عمل جي برڪت سان بخشش ٿي وئي

      حضرت علي بن حُسين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت هِبَةُ الله طَبَري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خواب ۾ ڏسي پڇا ڪيائون: مَا فَعَلَ الله بِڪ يعني الله ڪريم اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ حضرت هِبَةُ الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جواب ڏنو: الله ڪريم منهنجي بخشش فرمائي ڇڏي۔ عرض ڪيو ويو: ڪهڙي سبب؟ ته انهن رازداري واري انداز ۾ فرمايو: سُنّتِ مُبارڪ تي عمل جي ڪري۔ (سيراعلام النبلاء،رقم:۲۷۴،ھبة الله بن الحسن، ۱۷/۴۱۹ بتغير)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته سُنَّتِ مصطفيٰ تي عمل ڪرڻ جي برڪت سان الله پاڪ حضرت هَبَةُ الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مغفرت فرمائي ڇڏي، سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! ياد رکو! اسان جا بزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهُم، صحابه ڪرام وصحابيات رَضِىَ اللهُ عَنْهُم پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هر سُنّتِ ڪريمه جي پَيروي کي لازِم ۽ ضَروري سمجھندا هئا ۽ وار برابر به ڪنهن مُعَامَلي ۾ پنهنجي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن ۽ سنتن کي ڇڏڻ پسند نه ڪندا هئا۔ 

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اها آهي سچي محبت ۽ ڪامل اطاعت ۽ فرمانبرداري جو سرڪار مدينه جي حڪم تي ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائون ڄڻ ته الله جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وات مُبارَڪ مان نڪرندڙ لفظ انهن جي لاءِ سڀ ڪجھ هوندا هئا، ان جي علاوه به آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن ۽ فرمانن تي عمل جو تمام گھڻو جذبو رکڻ وارن عاشقانِ رسول جا کوڙ سارا واقعا آهن۔ جيئن

سُنّت تي عمل جي برڪت

  اَميرِاَهلسنّت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي مايه ناز ڪتاب فيضانِ سُنّت جلد اَوّل جي صفحي نمبر 263 تي هڪ واقعو نقل ڪندي فرمائن ٿا: زبردست محدّث حضرت سيّدنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بغداد جي خليفي مامون رشيد پاڻ وٽ دعوت تي گهرايو، کاڌي جي آخر ۾ کاڌي جا جيڪي ذرا وغيره ڪِري پيا هئا، اهي محدّث حضرتِ سيّدنا هُدۡبه بن خالد