Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

سر سے پا تک ہر اَدا ہے لا جواب                                          خوبُرویوں میں نہیں تیرا جواب

حُسن ہے بے مِثْل صورت لا جواب                                    میں فِدا تم آپ ہو اپنا جواب

          صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھر وارن، پنهنجي عزيزن، پنهنجي صحابين، پنهنجي رشتيدارن، پنهنجي پاڙيسرين ايستائين جو هر هڪ سان ايتري خوش اخلاقي ۽ ملنساري سان پيش ايندا ها جو انهن مان هر هڪ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪرڻ وارو بڻجي ويندو هو، جڏهن ڪو پاڻ کي سڏيندو هو ته پاڻ جواب ۾ لبيڪ (يعني مان حاضر آهيان) فرمائيندا ها، پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان پنهنجي حالت تي جيڪڏهن غور ڪريون، ته اسان جا گھر وارا، دوست احباب، رشتيدار مطلب ته اسان سان تعلق رکندڙ اسان جي بُري اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري پريشان نظر ايندا آهن، ڇوته ڪڏهن اسان اڙي اوئي سان گفتگو ڪندا آهيون ته ڪڏهن اسان ٻين سان لڙائي جھيڙو ۽ گار گند ڪندا آهيون، ڪڏهن ڪنهن جي غيبت، چغلي ۽ دل آزاري ڪندي نظر ايندا آهيون، ته ڪڏهن گھر ۾ والدين ۽ ڀيڻ ڀائرن سان اٽڪندي نظر ايندا آهيون، ڪڏهن دوستن سان بي رُخي ۽ بدسُلوڪي ڪندي نظر ايندا آهيون، ته ڪڏهن ٻارن سان اجائي سختي سان پيش ايندا آهيون، ڪڏهن گھر وارن سان جھيڙو ڪندا آهيون ته ڪڏهن پاڙيسرين تي ناراضگي جو اظهار ڪندا آهيون، ڪڏهن وري پنهنجي رشتيدارن سان قطع تعلقي ڪندا آهيون، مطلب ته بدقسمتي سان نه اسان ظاهر ۾ سُنّتِ مُصطَفٰي جا پابند آهيون نه ڪردار ۾ اخلاقِ مُصطَفٰي جا پيڪر آهيون، اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي زندگي حضور نبي ڪريم، رؤف رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرتِ طيبه جي مطابق گذاريون، جيئن ته

      اسان جي رَبِّ ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو: