Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

پياري آقا جو پيارو ڪلام

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري پياري آقا ،مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حَسِين ادائن مان هڪ پياري ادا اها به هئي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گفتگو پُر وقار انداز ۾ آهسته آهسته انداز ۾ ڳالھ ڪندا هئا۔ جيئن ته

اُمُّ المُومِنِين حضرت عائشه صِدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيو ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نهايت تيزي سان جلدي جلدي گفتگو نه فرمائيندا هئا بلڪ هوريان هوريان گفتگو ڪندا هئا، ڪلام ايترو صاف ۽ واضح هوندو هو جو ٻڌڻ وارا ان کي سمجھي ياد ڪري وٺندا هئا۔ جيڪڏهن ڪا اَهمّ ڳالھ هوندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي ٽي ڀيرا دهرائيندا هئا ته جيئن ٻڌڻ وارا ان کي چڱي نموني ذهن نشين ڪري وٺن۔ پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ضرورت بنا گفتگو نه ڪندا هئا بلڪه اڪثر خاموش ئي رهندا هئا۔ (الشمائل المحمدية،باب ڪيف ڪان ڪلام رسول الله، ص۱۳۴۔۱۳۵، حديث: ۲۱۳۔۲۱۴۔۲۱۵)

گفتگو (ڳالھ ٻولھ) بابت ڪجھ اهم نڪتا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارڪ گفتگو جي باري ۾ اسان جيڪي ڪجھ پياريون پياريون ادائون ٻڌيون هن مان ڪجھ نڪتا حاصل ٿيا۔ ٭ پهريون نڪتو اهو آهي ته گفتگو ڪرڻ مهل آواز گھڻو تيز ۽ جلدي جلدي ۾ نه هجي جو هن سان سامهون واري جي لاءِ ڳالھ سمجھڻ مشڪل ٿي ويندو آهي۔ ٭ ٻيو نڪتو اهو آهي ته جڏهن به ڳالھ ڪريون ته آواز ايتري هوريان ۽ گھٽ نه هجي جو سامهون واري تائين آواز نه پهچي يا پوءِ ان کي الفاظ ئي سمجھ ۾ نه اچن، اهڙي طرح گفتگو ڪرڻ ۾ ايتري قدر بلند آواز به نه هئڻ گھرجي جو ڪو ٽيون اسلامي ڀاءُ گفتگو جي ڪري بيزاري ۾ مبتلا ٿي وڃي يا تڪليف محسوس ڪري، تنهنڪري جڏهن به گفتگو ڪريون آواز ۾ اعتدال جو خاص خيال رکون ته جيئن سامهون وارو ڳالھ به سمجھي وٺي ڪنهن ٽئين کي ان سان ڪا تڪليف