Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِیْ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ (پ۲۱،الاحزاب:۲۱)   

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ توهان لاءِ رسول الله جي پيروي بهتر آهي۔

  مشهور مفسر قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي حوالي سان فرمائن ٿا: معلوم ٿيو ته ڪامياب زندگي اها ئي آهي جيڪا اُنهن جي نقشِ قدم تي هجي، جيڪڏهن اسان جو جيئڻ، مرڻ، سمهڻ، جاڳڻ، حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي نقشِ قدم تي ٿي وڃي ته اهي سمورا ڪم عبادت بڻجي ويندا۔ (نور العرفان، پ۲۱، الاحزاب، تحت الآية:۲۱)

جو اپنے دل کے گُلدستے میں سُنت کو سجاتے ہیں                    وہ بے شک رَحمتیں دونوں جہاں کی حق سے پاتے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سنتن تي عمل ڪرڻ جون برڪتون

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اها حقيقت آهي ته جيڪي ماڻهو اٿڻ، ويهڻ، هلڻ، ڦرڻ، سمهڻ جاڳڻ، کائڻ پيئڻ، ۽ گفتگو ڪرڻ ۾ پياري پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنَّتن کي اپنائن ٿا ته ربِّ ڪريم جون رحمتون انهن تي ڇماڇم وسن ٿيون، ڇوته ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي ربِّ ڪريم جي رضا نصيب ٿيندي آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن جو شمار ربِّ ڪريم جي پسنديده ٻانهن ۾ ٿيندو آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي خوفِ خُدا نصيب ٿيندو آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي فڪرِ آخرت جو ذهن نصيب ٿيندو آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي حقيقي محبتِ رسول نصيب ٿيندي آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي ڪيئي شهيدن جو اجروثواب حاصل ٿيندو آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابيون نصيب ٿينديون آهن، ٭ سنتن تي عمل ڪرڻ وارن کي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي جي خُوشنودي ۽ قُرب حاصل ٿيندو آهي۔ اچو! سُنَّتن تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن