Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

ڪيتري قدر پسند ڪندا هئا، ۽ بِلا ضرورت ڪو ڪلام نه ڪندا هئا جيڪڏهن پنهنجي مبارڪ زبان کي حَرَڪت ڏيندا هئا ته الله پاڪ جي ذڪر جي لاءِ، ان جي احڪامات کي بيان ڪرڻ جي لاءِ، پنهنجي ازواجِ مطهرات جي دل جوئي جي لاءِ، پنهنجي پياري صحابه جي مدني تربيت فرمائڻ جي لاءِ، ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي لاءِ، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته فضول گوئي کان هر دم بچندا رهون، اچو! فضول گفتگو کان بچڻ جي فضيلتن تي ٻه فرمانِ مصطفٰي ٻڌون ٿا:

فرمانِ مصطفٰي

(1) ارشاد فرمايائون: جيڪو الله پاڪ ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو ان کي گھرجي ته چڱي ڳالھ ڪري يا ماٺ رهي۔ (مسلم ، ڪتاب الايمان ،باب الحث علي اڪرام الجار...الخ، ص ۴۸،حديث:۱۷۴)

(2) ارشاد فرمايائون: ٻانهو ان وقت تائين ايمان جي حقيقت نٿو ماڻي سگھي جيستائين پنهنجي زَبان کي روڪي نه رکي۔ (المعجم الاوسط ،حديث: ۶۵۶۳، ۵/۵۵)

یارب! نہ ضَرورت کے سوا کچھ کبھی بولوں                                   اللہ زَباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

بک بک کی یہ عادت نہ سرِ حَشْر پھنسا دے                              اللہ زَباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

ہر لَفظ کا کس طرح حساب آہ! میں دوں گا                              اللہ زَباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

(وسائل بخشش مرمَّم ،ص۹۳)

مجلس مدني چينل جو تعارف  

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! فضول گوئي کان بچڻ، چڱي ڳالھ ڪرڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي 107 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪري رهي آهي۔ انهن مان هڪ شعبو ”مجلس مدني چينل“ به آهي۔ هن ۾ شڪ ناهي ته دورِ حاضر ۾ ميڊيا