Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

هميشه سچ ڳالهايو، ڪهڙي ئي مُصيبت پوي، ڪنهن به مشڪل ۾ ڦاسي پئو پر ڪوڙ جو سهارو نه وٺو، ڇوته ڪوڙ ڳالهائڻ ڪنهن مومن مرد ۽ عورت کي زيب ناهي ڏيندو، اهو ئي سبب آهي ته اسان جي پياري پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: مومن جي فطرت ۾ خيانت ۽ ڪوڙ جي علاوه هر خصلت (عادت) ٿي سگي ٿي۔ (مسند احمد،مسند بزار،۸/۲۷۶، حديث:۲۲۲۳۲) ۽ وڏي خيانت اها آهي ته توهان پنهنجي ڀاءُ کي اهڙي ڳالھ چئو جنهن ۾ اهو توهان کي سچو سمجھي رهيو هجي جڏهن ته توهان ان سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا هجو۔

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدرسةالمدينه بالغان “

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪوڙ، غيبت، چغلي، وعده خلافي کان بچڻ، نيڪين جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ پنهنجو وقت ڪڍي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدرسة المدينه بالغان“ ۾ شرڪت به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت جا ڪيئي فائدا ۽ برڪتون آهن۔ ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان قرآنِ پاڪ دُرست پڙھڻ جو هڪ ذريعو آهي ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان نماز، وُضو ۽ غُسل وغيره ڪجهه ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان سٺي صُحبت ملي ٿي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙهائڻ جي سعادت ملي ٿي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي۔

اَلْحَمْدُلِلّٰه مڪتبة المدينه تان رِسالو ”مَدْرَسة المدينه بالِغان“ به شايع ٿي چڪو آهي، هن رِسالي جي مطالعي جي بَرَڪت سان اوهان کي خبر پوندي ٭ قرآنِ ڪريم پڙھڻ جو فضيلتون، ٭ قرآنِ پاڪ سيکارڻ جي لاءِ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ