Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

اپنايون ٿا؟ اڄ جي بيان ۾ اسان پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪجھ پياري پياري ادائن ۽ سُنَّتن مثال طور پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڳالهائڻ جو انداز ڪهڙو هو؟ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي کائڻ جو انداز ڪهڙو هو؟ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو معاشري ۾ رهڻ جو انداز ڪهڙو هو؟ گڏوگڏ صحابه ڪرام ۽ صحابيات ۽ بزرگانِ دين رَحِمهم اللّٰهُ المُبِين جي سنّتِ رسول سان والهانه محبت، سُنَّتن تي عمل ڪرڻ جي واقعن جي باري ۾ ٻڌنداسين۔ تنهنڪري سٺين سٺين نيتن ۽ دلجمعي سان مڪمل بيان ٻڌڻ جي نيت ڪري وٺو۔

  اچو! سڀ کان پهريان پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زندگي گذارڻ جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

اَخلاقِ مصطفيٰ جون جھلڪيون

   اُمُّ المومنين حضرت عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان وڌيڪ ڪوئي خوش اخلاق نه هو۔ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا صحابي يا حضور جي گھر وارن مان جيڪو به پاڻ کي سڏيندو هو ته کين لَبَّيڪ (يعني مان حاضر آهيان) چئي جواب ڏيندا هئا۔ حضرت جرير رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ارشاد فرمائن ٿا: مان جڏهن کان مسلمان ٿيو آهيان ڪڏهن به رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي پاڻ وٽ اچڻ کان نه روڪيائون ۽ جنهن وقت به مون کي ڏسندا ها ته مرڪي پوندا ها ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي صحابه رَضِىَ اللهُ عَنْهُم کان خوش طبعي به ڪندا هئا ۽ سڀني سان ملي جلي رهندا ها، هر هڪ سان گفتگو ڪندا هئا، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي ٻارن سان به خوش طبعي ڪندا ها، انهن جي ٻارن کي پنهنجي مُبارڪ هنج ۾ ويهاريندا ها، آزاد، غلام ۽ مسڪين سڀني جون دعوتون قبول ڪندا ها، مديني کان ڪافي پري رهندڙ مريضن جي عيادت جي لاءِ تشريف کڻي ويندا ها ۽ مَعذِرَت ڪرڻ واري جي مَعذِرَت قبول ڪندا ها۔ (الشفاء بتعريف حقوق المصطفي ،فصل واما حسن عشرته، ۱ / ۱۲۱)