Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

بي احتياطي جو شڪار نظر اچن ٿا، شادي ۾ طرح طرح جي کاڌن جي ضايع ٿيڻ کان وٺي گھرن ۾ٿانؤ ڌوئڻ وقت جهڙي نموني ٻوڙ جو شوربو، چانور ۽ ان جا اجزا وهائي مَعَاذَ اللّٰه نالي جي حوالي ڪيا ويندا آهن، جنهن سان اسان سڀ واقف آهيون، ڪاش اسان ۾ به کاڌو ضايع ڪرڻ کان بچڻ جو جذبو پيدا ٿي وڃي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ماڻهو ڇا چوندا!

ٻيو نڪتو اهو مليو ته اسان جا بُزرگ سڳورا سنتن سان ايتري قدر محبت ڪندا هئا جو اهي سُنَّتن تي عمل ڪرڻ جي معاملي ۾ دنيا جي وڏي کان وڏي امير، رئيس، بادشاھ، وزير ۽ ڪنهن وڏي عهدي واري جي پروا نه ڪندا هئا، پر افسوس! اڄڪلھ سُنّتون ته رهيون پري اسان فرض ۽ واجبات ۾ ڪوتاهي ڪندي نظر ايندا آهيون، ڪڏهن نمازون ٽائيم تي نٿا پڙهون ته ڪڏهن نمازون بلڪل ئي ڇڏي ڏيندا آهيون، ڪڏهن بد نگاهي ڪيون ٿا ته ڪڏهن رشتيدارن ۽ دوستن جي ڳالهين جي ڪري دلبرداشته ٿي سنتون ڇڏي ڏيندا آهيون ۽ ائين سوچيندا آهيون ته جيڪڏهن مون سُنَّتن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ته منهنجا گھر وارا ۽ دوست ڇا چوندا؟ جيڪڏهن مان نماز پڙھڻ لڳي ويس ته منهنجا دوست ڇا چوندا؟ جيڪڏهن مان دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳي ويس ته منهنجا دوست ڇا چوندا؟ جيڪڏهن مون قرآنِ ڪريم پڙھڻ يا سکڻ شروع ڪري ڇڏيو ته منهنجا دوست ڇا چوندا؟ مطلب ته اسان دوستن، گھر وارن ۽ ٻين رشتيدارن جي ڪري نيڪ عمل ۾ سستي ڪندا ۽ سنتن کي ڇڏيندي نظر ايندا آهيون۔

   اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان جهنم جي عذاب کان بچي ربِّ ڪريم جي رِضا ماڻڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان حضورنبي رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت ماڻڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان جنت جي ابدي نعمتن جا حقدار ٿيڻ چاهيون