Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

ته پنهنجي خادمن ۽ غلامن جي دعوت قبول ڪرڻ گھرجي توڙي جو اهي اوهان جي درجي کان گھٽ هجن۔ ٭ ٻيو اهو ته خادم کي پاڻ سان گڏ هڪ پيالي ۾ کارائڻ تمام سٺو آهي۔ ٭ ٽيو اهو ته ڪدُّو پسند ڪرڻ سنت آهي۔ ٭ چوٿون اهو ته سُنَّت سان محبت ڪرڻ صحابه ڪرام جو طريقو آهي. آخري فائدو بيان ڪندي فرمائن ٿا ته خادم پيالي مان ٻوٽيون يا ڪدو وغيره چُونڊي مَخدُوم جي اڳيان رکي سگھي ٿو۔ (مراٰة المناجيح،۶/۱۸-۱۹ ملخصاً)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان معلوم ٿيو ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام رضَىَ اللهُ عَنْهُم اَجمَعِين جي دلجوئي جي لاءِ انهن جي دعوت قبول ڪندا هئا، دعوت ڏيڻ وارو مالدار هجي يا نادار، امير هجي يا غريب، بزنس مين هجي يا مزدور، ۽ نه صرف دعوت قبول فرمائي پاڻ ان وٽ ويندا هئا بلڪ گھروارا جيڪو ڪجھ سندن اڳيان پيش ڪندا هئا پاڻ ڪنهن ناگواري جو اظهار ڪرڻ بغير ان کي کائيندا هئا، هن واقعي مان اهو به معلوم ٿيو ته ڪدو شريف پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انتهائي پسنديده سبزي هئي ۽ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  وڏي شوق سان ڪدو شريف کائيندا هئا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه سچ ڳالهائيندا ها

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون وڌيڪ پياريون ادائون ٻڌون ٿا ۽ انهن ادائن کي ٻڌي اسان به ڪوشش ڪريون ته پنهنجي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن کي اپنايون۔

      پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري ادائن مان هڪ ادا سچ ڳالهائڻ به آهي، اُمُّ الْمُؤْمِنِين حضرتِ عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: ”ڪوڙ کان وڌيڪ ڪا عادت رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ويجھو ناپسنديده نه هئي۔

(سنن الڪبري للبيھقي،ڪتاب الشهادات،باب من ڪان منڪشف …الخ، ۱۰/۳۳۱، حديث:۲۰۸۲۱)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪوڙ کي پسند