Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

ٿا، جيڪڏهن اسان جنت ۾ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قُرب ماڻڻ چاهيون ٿا، ته ان جي لاءِ اسان کي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري صحابه ۽ صحابيات رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي نقشِ قدم تي هلڻو پوندو ڇوته انهن مقدس هستين جو پائڻ وڇائڻ، سمهڻ جاڳڻ، کائڻ پيئڻ مطلب ته هر نيڪ ۽ جائز ڪم سنتِ رسول جي مطابق هوندو هو، اهي حضرات ڪهڙي طرح مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن کي پنهنجي زندگي ۾ اپنائيندا ها اچو هن باري ۾ هڪ نهايت ئي پيارو واقعو ٻڌون ٿا:

محبوب جي ادا سان محبت

مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”صحابه ڪرام جو عشقِ رسول“ جي صفحي 27 تي آهي ته حضرت اَنَس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بيان فرمائن ٿا ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحابه رَضِىَ اللهُ عَنْهُم اَجْمَعِينْ مان هڪ صحابي جيڪو درزي هو، انهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي گھر ماني جي دعوت ڏني، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان پُرخُلُوص دعوت کي قُبُول ڪيو ۽ پاڻ مقرر ڏينهن تي ان صحابي وٽ ويا، مان به پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ ان دعوت ۾ موجود هئس، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خاطر تواضع جي لاءِ جَو جي ماني ۽ ٻوڙ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ڪدُّو ۽ خشڪ ڪيل نمڪين گوشت هو، کائڻ جي دوران مون حضورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏٺو ته پاڻ پيالي جي ڪنارن مان ڪدّو جا ٽڪرا تلاش ڪري رهيا آهن، حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا جڏهن مون ڏٺو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪدُّو کي ايترو پسند فرمائن ٿا، انهيء ڏينهن کان مان پاڻ به ڪدو کي پسند ڪرڻ لڳس۔ (بخاري،ڪتاب الاطعمة، باب المرق ، ۳/۵۳۷، حديث۵۴۳۶)

تیری اِک اِک اَدا پر اے پیارے                                       سو دُرودیں فِدا ہزار سلام

(ذوقِ نعت، ص۱۷۰)

 حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ ارشاد فرمائن ٿا ته هن حديث مان ڪجھ مسئلا معلوم ٿيا: ٭ هڪ اهو