Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

میں جُھوٹ نہ بولوں کبھی گالی نہ نِکالوں!                     اللہ مَرَض سے تُو گُناہوں کے شِفا دے!

ڪوڙ ڳالهائڻ مؤمن جو شان ناهي

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته سچ الله پاڪ ۽ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ سڀ کان پسنديده ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ انتهائي ناپسنديده عادت آهي پر اسان جو معاشرو شايد ڪوڙ جي بغير ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهو مسلمان جنهن کي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو امتي هئڻ جي ناطي آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عادتن جو نمونو هئڻ گھرجي، جنهن کي ڏسي ماڻهو چون ته اهو ڏسو هو آهي محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو غلام، پر افسوس جي ڳالھ آهي ته اهو ئي مسلمان اڄ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو گھر ۾ هجون ته ڪوڙ، دوستن جي محفل ۾ هجون ته ڪوڙ، آفيس ۾ ڪوڙ، استاد آهيون ته تعليمي اداري ۾ ڪوڙ، طالبِ علم آهيون ته پنهنجي ڪلاس ۾ ڪوڙ، ماءُ پيءُ آهيون ته ٻارن سان ڪوڙ، اولاد آهيون ته والدين سان ڪوڙ، واپاري آهيون ته سامان وڪڻڻ ۾ ڪوڙ، خريدار آهيون ته سامان خريدڻ ۾ ڪوڙ، مزدور آهيون ته مزدوري ڪرڻ ۾ ڪوڙ، مڪينڪ آهيون ته گاڏي جي مُرمَّت ۾ ڪوڙ، گاڏي وڪڻڻ ۾ ۽ خريدڻ ۾ ڪوڙ، ڪپڙو وڪڻڻو آهي ته ڪوڙ، موبائل وڪڻڻو آهي ته ڪوڙ، ڪا مشين وڪڻڻي آهي ته ڪوڙ، فرنيچر وڪڻڻو آهي ته ڪوڙ، کير وڪڻڻو آهي ته ڪوڙ، گوشت وڪڻڻو آهي ته ڪوڙ، هر ڪم ۽ ڳالھ ۾ ڪوڙ ڪوڙ ۽ ڪوڙ، ڄڻ ته اسان پنهنجي اها سوچ بڻائي ورتي آهي ته ”ڪوڙ جي بغير ڪم خراب ٿي ويندو يا نظامِ زندگي درهم برهم ٿي ويندو“ اهو ئي سبب آهي ته ڪي ماڻهو وڏي جرئت سان اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته يار ڪوڙ جي بغير گُذارو ئي ناهي، ان جي بغير ڪم ناهي هلندو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪرڻ سان ڪم نٿا بڻجن بلڪ بگڙجي ويندا آهن، هن نافرماني سان نظامِ زندگي سنورجندي ناهي بلڪ اُجڙي ويندي آهي۔ تنهنڪري حقيقي مومن بڻجو ۽