Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چونڊي چونڊي ڪري کائڻ لڳا،خليفهءِ بغداد مامون رشيد حيران ٿي ڪري چيو، اي شيخ! ڇا توهان جو اڃا تائين پيٽ ناهي ڀريو؟ فرمايائون ڇو نه! دراصل ڳالهه هي آهي جو مون کي حضرت سيّدُنا حمّاد بن سلمه رَضِىَ اللهُ عَـنْه هڪ حديث بيان فرمائي آهي ته ”جيڪو شخص دسترخوان تي ڪِريل ذرن کي چونڊي چونڊي ڪري کائيندو اهو تنگدستي کان بي خوف ٿي ويندو.“ (اتحاف السادةالمتقین،الباب الاول،۵/۵۹۷) مان انهيءَ حديثِ پاڪ تي عمل ڪري رهيو آهيان، اهو ٻُڌي ڪري مامون بيحد متاثر ٿيو ۽ پنهنجي هڪ خادم ڏانهن اشارو ڪيائين ته هو هڪ هزار دينار رومال ۾ ٻَڌي ڪري کڻي آيو، مامون ان کي حضرت سيّدُنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ نذراني طور پيش ڪيو، حضرت سيّدُنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْه فرمايو اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه حديث مبارڪ تي عمل جي هٿوهٿ برڪت ظاهر ٿي وئي. (ثمراتُ الاوراق، ۱/۸)

رزق جي قدر ڪريو

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان ٻه اهم نڪتا حاصل ٿيا۔ پهريون نڪتو اهو ته دستر خوان تي ڪريل ٽڪرا کائڻ جي برڪت سان رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي ۽ رزق جي تنگي کان حفاظت نصيب ٿيندي آهي، پر افسوس! اڄڪلھ اسان جي گھرن ۾ انتهائي بي حِسي سان رِزق جي ناقدري ۽ بي حُرمتي ڪئي ويندي آهي، چانھ، پاڻي، ڪولڊ ڊرنڪ ۽ شربت وغيره پيئڻ ۽ کاڌو کائڻ کان پوءِ ٿانوء ۾ ٿورو ڇڏيو ويندو آهي جنهن کي اڄڪلھ شايد فيشن سمجھيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان بچيل رزق کي گندي نالين ۾ اڇلايو ويندو آهي۔

   اميرِاهلسنّت باني دعوتِ اسلامي حضرت علاّمه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رَضَوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه اڄڪلھ انتهائي بي حسي سان ٿيندڙ رزق جي ناقدري ۽ بي حُرمتي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: اڄڪلھ رِزق جي بي قَدري ۽ بي حُرمتي کان ڪهڙو گھر خالي آهي، بنگلي ۾ رهڻ وارن اَرَب پَتي کان وٺي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ وارن مزدورن تائين رزق ۾