Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

نه ڪندا هئا، پيارا آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سچائي تي ڪيتري قدر مضبوطي سان پابند هئا ان جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته اعلانِ نبوت کان پهريان پاڻ مڪي شريف ۾ صادق (سچي) جي لقب سان مشهور هئا ۽ اهي ماڻهو جيڪي پاڻ جا سخت ترين دشمن هئا اهي به سندن سچائي جي شاهدي ڏيندا هئا، لهٰذا اسان کي گھرجي ته هن معاملي ۾ به حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نقشِ قدم تي هلون، حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نه صرف پاڻ هميشه سچائي جا عادي رهيا، بلڪه پنهنجي غلامن ۽ پنهنجي ٻانهين کي به صداقت، امانت ۽ ديانت جي ترغيب ڏيندا رهيا ۽ انهن کي ڪوڙ کان بچائڻ جي لاءِ وقت بوقت ڪوڙ جون تباھ ڪاريون بيان ڪندا رهيا۔ اچو ڪوڙ جي عادت کان پيڇو ڇڏائڻ جي لاءِ فرامينِ مُصطَفٰي جي روشني ۾ ان جون ڪجھ هلاڪتون ٻڌون ٿا،

ڪوڙ جا ڀيانَڪ نتيجا:

٭ جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان جي بَدبُوءَ سبب ملائڪ هڪ مِيل پري ٿي ويندو آهي۔ (ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ماجاء في الصدق والڪذب، الحديث: ۱۹۷۹،۳/ ۳۹۲) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سڀ کان وڏي خِيانت آهي۔ (سنن ابي داود، ڪتاب الادب، باب في المعاريض،الحديث:۴۹۷۱،۴/۳۸۱) ٭ ڪوڙ ايمان جو مُخالِف آهي۔ (مسنداحمد،مسند ابي بڪر الصديق،۱/۲۲،حديث:۱۶) ٭ ماڻهن کي کلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي لاءِ بربادي آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الزھد، باب ماجاء من تڪلم بالڪلمة ليضحڪ الناس، الحديث:۲۳۲۲، ۴/۱۴۲) ٭ ماڻهن کي کلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو جهنَّم جي ايتري اونهائي ۾ ڪرندو آهي جيڪو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ فاصلي کان وڌيڪ آهي۔ (شعب الايمان، باب في حفظ اللسان، الحديث:۴۸۳۲، ۴/۲۱۳) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سان مُنهن ڪارو ٿي ويندو آهي۔ (شعب الايمان، باب في حفظ اللسان، الحديث:۴۸۱۳، ۴/۲۰۸) ٭ ڪوڙي ڳالھ ڪرڻ گناھ ڪبيره آهي. (لمعجم الڪبير،۱۸/۱۴۰،حديث:۲۹۳ ملخصاً) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ مُنافِق جي عَلامتن مان هڪ علامت آهي۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب خصال المنافق،ص:۵۳، حديث:۲۱۰) v ڪوڙ ڳالهائڻ وارا قِيامت جي ڏينهن، الله جي ويجھو سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده اَفراد ۾ شامِل هوندا۔ (ڪنز العمال، ۱۶/۳۹، حديث:۴۴۰۳۷)