Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

الرِّضْوَانْ جو پري پري جو سفر، ٭ دُرست قرآنِ ڪريم پڙھڻ جو شرعي حڪم، ٭ مدرسة المدينه جا 7 مقصد، ٭ مدرسة المدينه بالغان جا طالبِ علم مفتي ڪيئن بڻيا؟

 اچو! مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ پڙھڻ جي بَرَڪت تي مُشتَمِل هڪ مَدَني بهار ٻڌو،

مدرسة المدينه بالغان جي برڪت

بابُ المدينه (ڪراچي) جو رهائشي اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مختلف گناهن ۾ مبتلا هو، هڪ ڀيري رمضان المبارڪ ۾ ان جي هڪ اسلامي ڀاءُ سان ملاقات ٿي، جن ان کي مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآن پاڪ پِڙھڻ جي ترغيب ڏني۔ ان اسلامي ڀاءُ جي محبت ڀري انداز سان متاثر ٿي مدرسي ۾ پڙھڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو ۽ استقامت سان مدر سة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو۔ مدر سة المدينه بالغان جي برڪت سان نه صرف درست مخارج سان قرآن پاڪ پڙھڻ سکي ويو بلڪه هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو معمول به بڻجي ويو۔ گناهن کان توبه ڪري آهسته آهسته مدني ماحول جي رنگ ۾ رنگجي ويو ۽ ڪجھ سال بعد مُدَرِّس ڪورس ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري مدرسة المدينه بالغان پڙھائڻ وارو بڻجي ويو۔

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ                                 تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول

بُری صُحبتوں سے کَنارہ کَشی کر                               کے اچھوں کے پاس آکے پا مَدَنی ماحول

سَنور جائے گی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ                          تم اپنائے رکھو سَدا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                        گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۶۴۶- ۶۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد