Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

هن حڪايت مان اهو به معلوم ٿيو! صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان اُمّت کي تعظيمِ مُصطَفٰي جا طريقا بيان ڪرڻ وارا آهن، بلڪ قيامت تائين تعظيمِ مُصطَفٰي جا جيڪي به طريقا هوندا ۽ شريعت کان نه ٽڪرائيندا هجن، اهي پسنديده آهن، جيئن حضرت امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تعظيمِ مُصطَفٰي خاطر مديني پاڪ ۾ جانور تي سواري نه ڪيائون۔

 هن ۾ شڪ ناهي ته عشقِ حقيقي جيڪڏهن نصيب ٿي وڃي ته اظهار جا طريقا به اچي ويندا آهن ۽ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان وڏو عاشقِ رسول ڪير ٿي سگھي ٿو؟ هر صحابي پنهنجي پنهنجي جڳھ الفتِ رسول ۽ محبتِ رسول جو چمڪندڙ تارو هو۔ عشقِ رسول جا جيڪي مثال انهن مقدس هستين پيش ڪيا انهن جو مثال نٿو ملي۔ جيڪو شان ۽ عظمت انهن کي نصيب ٿيو اهو ڪنهن غَيرِ صحابي کي حاصل نٿو ٿي سگھي۔ سُلطانِ عَرَب، محبوبِ ربّ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: توهان جو جبل برابر سون خَيرات ڪرڻ منهنجي ڪنهن صحابي جي سَوا سَير جَو خَيرات ڪرڻ بلڪ ان جي اَڌ جي برابر به نٿو ٿي سگھي۔“ (بخاري، ڪتاب فضائل اصحاب النبي،باب قول النبي لو ڪنت متخذا خليلا، ۲ /۵۲۲،حديث: ۳۶۷۳ملخصاً)

صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جون خدمتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو شان اهڙو بي مثال آهي جو ڪو به انهن جي مقام ۽ مرتبي کي نٿو پهچي سگھي۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪيو۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن سڀ کان پهريان رسولِ خدا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دعوت تي لبيڪ چيائون۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن آقا ڪريم، محبوبِ ربّ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديدار ڪيو ۽ سندن معجزن کي پنهنجي اکين سان ڏٺائون۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جيڪي اُمت ۾ سڀ کان افضل ۽ اعليٰ آهن۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن جا بهترين وصف پاڻ ربِّ ڪريم قرآن ۾ بيان ڪيا آهن۔ ٭