Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت                                                                                                  رہوں باوُضو میں سدا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدرسةالمدينه بالغان “

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! فضوليات کان بچڻ ۽ پاڻ کي نيڪين ۾ مصروف ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدرسة المدينه بالغان“ ۾ شرڪت به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت جا ڪيئي فائدا ۽ برڪتون آهن۔ ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان قرآنِ پاڪ دُرست پڙھڻ جو هڪ ذريعو آهي ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان نماز، وُضو ۽ غُسل وغيره بعض ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان سٺي صُحبت ملي ٿي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙهائڻ جي سعادت ملي ٿي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي۔ اچو! مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ پڙھڻ جي بَرَڪت تي مُشتَمِل هڪ مَدَني بهار ٻڌو، جيئن

مدرسة المدينه بالغان جي برڪت

ڪراچي جو رهائشي اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ ۾ فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ ۽ بدنگاهي ڪرڻ جو عادي هو، نمازن جي پابندي جو به ذهن نه هو۔ اتفاق سان هڪ دفعي ان جي ملاقات سفيد لباس پاتل سبز سبز عمامو سجايل هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، ان انفرادي