Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

جي هڪ کان پوءِ ٻي شهزادي سان نڪاح جو شرف ماڻڻ واري، تمام گھڻي سخاوت فرمائڻ واري، صبر ۽ شفقت فرمائڻ واري، تمام گھڻو شرم ۽ حيا ڪرڻ ۽ غريبن سان گھڻي مَحَبَّت ڪرڻ واري، الله پاڪ ۽ ان جي رسول عَلَيه السَّلَام جي پياري اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو يومِ شهادت آهي ۽ عَنقريب اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، انهيء مناسبت سان اڄ اسان سندن سيرت ۽ ڪردار بابت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو تذڪرهءِ خير ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، پهريان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي عشقِ رسول تي هڪ حڪايت ٻڌنداسين۔ ان سان گڏوگڏ اَمِيرُالمؤمنين حَضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون دِيني خدمتون ۽ سندن فضيلت تي حديث سڳوريون به ٻڌنداسين۔ سندن عشقِ رسول بابت ايمان افروز معلومات حاصل ڪنداسين۔

      صدر الافاضل حضرت مولانا سيد نعيمُ الدّين مرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ اَمِيرِ اهلسنّت حضرتِ علّامه مَولانا محمد الياس عطّار قادِري دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيۡه جي والدِ گرامي حاجي عبدالرحمٰن قادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڏهاڙو آهي، آخر ۾ ان مناسبت سان انهن جي سيرتِ مبارڪه جي باري ۾ به ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔

      الله پاڪ دل جمعي سان شروع کان آخر تائين بيان ٻڌڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مهمان نوازي جو نرالو انداز

   دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”صحابه ڪرام جو عشقِ رسول“ صفحي 53 تي آهي هڪ ڏينهن حضرتِ سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! پنهنجي دوستن سان گڏ منهنجي گھر تشريف فرما ٿيو ۽