Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

جيڪو ميسر هجي تناول فرمايو۔ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دعوت قبول فرمائي، جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان گڏ حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه جي گھر ڏانهن روانا ٿيا ته حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پويان هلندي سندن قَدَم مبارڪ ڳڻڻ لڳا، نبيِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عثمان! منهنجا قدم ڇو ڳڻي رهيا آهيو؟ حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قُربان! مان چاهيان ٿو ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ توقير جي خاطر سندن هر هر قدم جي بدلي هڪ هڪ غلام (Slave) آزاد ڪيان۔ پوءِ حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه جي گھر تائين حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا جيتري قدر قدم مُبارَڪ ٿيا اوتري تعداد ۾ غلام آزاد ڪيائون۔ (جامع المعجزات،ص۲۵۷، ملخصا) (صحابه ڪرام ڪا عشق رسول،ص۵۳ تا ۵۴)

مجھ کو دُنیا کی دولت نہ زر چاہئے

شاہِ کوثر کی  میٹھی نظر  چاہئے

رات دن عِشق میں تیرے تڑپا کروں

یا نبی ایسا سوزِ جگر چاہئے

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۵۱۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪهڙي طرح رسولِ عظيم، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عشق ۾ سندن هر هر قدم تي هڪ هڪ غلام آزاد فرمايائون۔ هن مان خبر پئي ته حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي دل ۾ عشقِ رسول ۽ محبتِ رسول جو چراغ روشن هو، عشقِ رسول جي چاشني سندن رڳ رڳ ۾ ڪيتري قدر سرايت ڪري چڪي هئي جو انهن