Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

تعالي ان جا اڳيان پويان گناھ بخشي ڇڏيندو آهي۔ (مسندالبزار،مسند عثمان بن عفان، ج۲، ص۷۵، الحديث: ۴۲۲)

 

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل روايت کي مدِّ نظر رکندي اسان کي به غور ڪرڻ گھرجي ته ڇا اسان کي به سٺي طريقي سان وضو ڪرڻ اچي ٿو؟ جيڪڏهن نٿو اچي ته سکون، ڇا اسان به فرض ۽ نفلن جا پابند آهيون؟ ڇا اسان به سُنّتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو رکون ٿا؟ الله ڪريم اسان کي فرضن ۽ واجبن ۽ سُنتن ۽ مُستحبن جي بجاآوري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

تیری سُنّتوں پہ چل کر ،مری رُوح جب نکل کر

چلے تُو گلے لگانا مدنی مدینے والے

ملے سُنّتوں کا جذبہ مِرے بھائی چھوڑیں مولیٰ

سبھی داڑھیاں منڈانا مدنی مدینے والے

مری آنیوالی نسلیں ترے عشق ہی میں مچلیں

اُنہیں نیک تُو بنانا مدنی مدینے والے

(وسائل بخشش مرمم،ص۴۲۸۔۴۲۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

احاديثِ ڪريمه ۽ شانِ عثمانِ غني

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اتباعِ رسول جون وڏيون برڪتون آهن، ڪاش! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صدقي اسان به ڪامل اتباعِ رسول ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عُمومًا ڏٺو ويندو آهي ته هڪ غلام ته پنهنجي آقا