Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

ڪجھ دير کان بعد فرمايائون منهنجي ٻانهن دٻايو، پوءِ مان ويهي ٻانهن ۽ چيلھ دٻائڻ لڳس، مون ڏٺو ته ڪجھ فرمائي رهيا آهن ۽ چهري تي بيحد پگھر (Sweat) آهي مون رومال سان چهري جو پگھر خشڪ ڪيو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نگاھ کڻي مون ڏانهن ڏٺائون، پوءِ آواز سان ڪلمو شريف: لآ اِلٰه اِلَّا اللّٰه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰه۔ پڙھڻ شروع ڪيائون، ڪلمو شريف پڙھندي، 19 ذُوالحجة الحرام ۱۳۶۷ ھ تي هن دُنيا مان لاڏاڻو ڪيائون۔ جامعه نعيميه (مرادآباد هند) جي مسجد جي کاٻي پاسي ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي آخري آرام گاھ آهي۔ حضرت صَدرُالاَفَاضِل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ مزيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو رسالو ”تذڪرهءِ صدرالافاضل“ هديو ڏئي حاصل ڪريو ۽ مطالعو فرمايو۔

   هن ئي مهيني ذوالحجه جي 14 تاريخ تي شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيۡه جي والدِ گرامي حاجي عبدالرحمٰن قادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو به ڏهاڙو آهي۔ انهن کي به خوب خوب ايصالِ ثواب ڪريو، الله پاڪ اسان جي تمام بزرگانِ دين تي رحمت فرمائي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي الله عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

مجلس”المدينه لائبريري“

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! فيضانِ عثمانِ غني سان فيضياب ٿيڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ ڪم وپيش 107 شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن مان هڪ شُعبو بنام ’’مجلس المدينه لائبريري“ به آهي۔

   انهيء مجلس تحت مدني مراڪز فيضانِ مدينه (عينِ مسجد جي علاوه ڪنهن ٻي هنڌ) ”المدينه لائبريري“ جي نالي سان هڪ اسلامي ڪتب خانو قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مخصوص اوقات ۾ مُطالعي جي لاءِ خُوشگوار ماحول، آڊيو،