Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

حضرت عُثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه  ۽  اِتباعِ رَسُول

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻين پيارن وصفن جيان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اِتباعِ رسول ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ ها۔ سردي گرمي جي پرواھ ڪرڻ بنا پنهنجي قولن ۽ فعلن ۾ محبوبِ ربِّ ذُوالجلال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون سُنَّتون ۽ ادائون خوب خوب اپنائيندا ها۔ اچو! حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن ۽ سُنّتن سان محبت بابت 3 واقعا ملاحظه ڪريو۔ جيئن

                              هڪ ڏينهن حضرتِ سيدُنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه مسجد جي دروازي تي ويهي ٻڪري جي دَستي جو گوشت گھرايو ۽ کاڌائون ۽ بِغير تازو وُضو ڪرڻ جي نَماز ادا ڪئي پوءِ فرمايائون: رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به هن جاءِ تي ويهي اهو(ٻڪري جي دستي جو گوشت) کاڌو هو ۽ هن طرح ڪيو هو۔ (مُسندِ اِمام احمد بن حنبل ج ۱ص۱۳۷ حديث۴۴۱)

      حضرتِ سيدُنا عُثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه هڪ ڀيري وُضو ڪندي مُرڪڻ لڳا! ماڻهن سبب پڇيو ته فرمايائون: مون هڪ ڀيري سرڪارِ نامدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هن جاءِ تي وُضو ڪرڻ کان پوءِ مُرڪندي ڏٺو هو۔ (اَيضاً ص۱۳۰حديث۴۱۵ مُلَخّصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سخت سَردي ۾ به فَرمانِ نَبَوِي تي عَمَل:

      اَميرُالمُؤمِنِين حضرتِ سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه هڪ سرد رات ۾ جڏهن نماز جو ارادو ڪيو، ۽ پنهنجي غلام حضرت حُمران کان وضو جي لاءِ پاڻي گھريو۔ غلام پاڻي پيش ڪيو ته پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْه ان سان هٿ منهن ڌوئڻ لڳا۔ (وُضو شروع ڪيائون ته) غلام عرض ڪيو: الله پاڪ اوهان کي محفوظ رکي، اوهان وُضو ڪري رهيا آهيو جڏهن ته رات ته گھڻي ٿڌي ((Cold آهي۔ حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه جواب ارشاد فرمايائون: مون ٻنهي جھان جي تاجور، سلطانِ بحروبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ٻڌو آهي: جيڪو ٻانهو ڪامل وضو ڪندو آهي الله