Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

وقت ناهي ملندو!

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! عبادت جا اهڙا معمولات ڪنهن جا آهن؟  اَمِيرُ المؤمنين، حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جا۔ جن جو شان اهو آهي ته انهن کي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻن شهزادين جو هڪ کان پوءِ ٻيءَ سان نڪاح ٿيڻ جي سعادت ملي، انهن جو شان اهو آهي ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ڪيئي ڀيرا پنهنجي مبارڪ زبان سان جنت جي خوشخبري عطا فرمائي، انهن جو شان اهو آهي ته رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به انهن سان حياء ڪندا ها، انهن جو شان اهو آهي ته الله ڪريم جا معصوم ملائڪ به انهن کان حيا ڪندا ها، انهن جو شان اهو آهي ته رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي خاطر بيعتِ رضوان ورتي، ايتري وڏي رتبي تي فائز هئڻ جي باوجود پاڻ ڪثرت سان عبادت ڪندا ها، تلاوت ڪندا ها ۽ وڌ کان وڌ نيڪ عمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندا ها۔ جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جھڙن جو حال اهو آهي ته اسان جو اڪثر وقت فضوليات ۾ برباد ٿي ويندو آهي، اسان جا ڏينهن رات غفلتن ۾ ڪٽجي ويندا آهن، اسان وٽ نه ئي علمِ دِين سکڻ جي لاءِ وقت، نه لازم عبادتن جي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ وقت، ۽ نه ئي تلاوتِ قرآن جي لاءِ، نه ئي اسان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ وقت ڪڍي سگھون ٿا، نه اسان نيڪي جي دعوت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري سگھون ٿا۔ اسان قافلي جا مسافر به ان ڪري نٿا بڻجي سگھون ته وقت نٿو ملي، اسان درس ۽ بيان ڪرڻ ٻڌڻ جي سعادت کان به ان ڪري محروم رهون ٿا ته وقت نٿو ملي، اسان پنهنجي عملن جو جائزو ۽ ان تي غور ۽ فِڪر به نٿا ڪري سگھون جو وقت نٿو ملي، اسان هفتيوار اجتماعات ۾ به نٿا اچون جو وقت نٿو ملي، اسان هفتيوار مدني مذاڪري ۾ شرڪت کان به ان ڪري محروم رهون ٿا جو وقت نٿو ملي، افسوس! هڪ تعداد ته مَعَاذَالله (الله پاڪ جي پناهه) فرض نمازون به ان ڪري قضا ڪندي آهي ته وقت نٿو ملي، هڪ تعداد فرض علوم به ان ڪري نٿو سکي سگھي ته وقت نٿو ملي، هڪ تعداد دِين جي ضروري مسئلن کان به ان