Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

عظيم شخصيت صدر الافاضل، ص ۳۳۳تا۳۳۴، ملخصاً،از فيضانِ سنت، ص۳۹۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان، حضرت صدرالافاضل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هٿن جي برڪت ۽ ڪرامت هئي جو هڪ ڀيري جي ٺهيل چانھ تمام ماڻهن کي ڪفايت ڪندي هئي۔ سندن يومِ عرس به هن ئي مهيني ۾ آهي۔ اچو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جي باري ۾ مزيد ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔

سِيرتِ مُبارَڪه جون ڪجھ جھلڪيون

      صدرالافاضِل حضرتِ علامه مولانا سيد محمد نعيم الدين مرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وِلادت 21 صَفرالمُظَفَّر ۱۳۰۰ بمطابق پهرين جنوري 1883 بروز سومر شريف ”هند“ جي شهر ”مرادآباد“ ۾ ٿي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو ”محمد نعيم الدين“ رکيو ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا والد حضرت مولاناسيد محمد معين الدين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين جا ڪيئي فَرزَند قُرانِ پاڪ جا حافظ ٿيڻ کان پوءِ وفات ٿي چڪا هئا، صَدرُ الافاضِلرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پيدائش تي سندن والدِ محترم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه باس باسي ته الله تعالي ان کي زندگي بخشي ته خدمتِ دين جي لاءِ هن پٽ کي وقف ڪندس ۽ انهن ائين ئي ڪيو۔ حضرت صَدرُالاَفَاضِل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏا مهمان نواز ۽ سخي هئا، تمام وڏا عالم هئڻ جي باوجود عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گھڻو ويجھو هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ کي خلافت به عطا ڪئي هئي۔

وقتِ رُخصَت

  حضرت مولانا مفتي سيد غلام مُعِينُ الدِّين نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي 11:00 بجي جو وقت هو، ڪمري ۾ مون ۽ حضرت جي علاوه ٻيو ڪو نه هو، ٿوري دير مون سان گفتگو ڪيائون، ان کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خاموش ٿي ويا