Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو شان

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت بابت ٻڌي رهيا هئاسين، حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمتن جو اندازو ڪير ڪري سگھي ٿو، دين جي خاطر جيڪي قربانيون پاڻ ڏنيون اهي سندن جو ئي حصو هيون۔ ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اُنهن خوش نصيب صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۾ شامل آهن جن شروعِ اسلام ۾ ايمان آندو هو. ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ٻه ڀيرا راھِ خدا ۾ هجرت جو شرف حاصل ڪيو. ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اهي شخصيت آهن جن کي جامع القرآن هئڻ جو شرف حاصل آهي، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ٻنهي قِبلن ڏانهن نماز پڙھي آهي. ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو نالو انهن صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي فهرست ۾ شامل آهي جيڪي رشتيدارن جون تمام تر تڪليفون سهڻ جي باوجود ايمان تي ثابت قدم رهيا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي اهو شرف حاصل آهي ته سراپانُور، شافعِ يوم النُّشور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ٻه شَهزاديون هڪ کان پوءِ ٻي سندن جي نڪاح ۾ آيون، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سيرت ۾ به بي مثال هئا، صورت ۾ به بي مثال هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو شمار الله ڪريم جي انهن مقرب ٻانهن ۾ آهي جيڪي سڄي سڄي رات عبادت ۽ بندگيءَ ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه انهن ماڻهن ۾ شامل هئا جيڪي هر وقت خوفِ خدا ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاري سان رهندا هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اهڙا تحمل مزاج هئا جو پاڻ جامِ شهادت نوش ڪيائون پر رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ شهر ۾ رتو ڇاڻ نه ٿيڻ ڏنائون، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه حِلم ۽ صبر ۽ شفقت ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه عاجزي ۽ انڪساري وارا بزرگ هئا۔