Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

ڪوشش ڪندي ان کي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان دعوت قبول ڪندي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ پڙھڻ شروع ڪيو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه مدرسة المدينه (بالغان) جي برڪت سان هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ان جو معمول بڻجي ويو، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جو مريد به ٿي ويو۔ نمازي ۽ مسجد ۾ درس ڏيڻ وارو بڻجي ويو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه هو فلمون ڊراما، گانا باجا، بدنگاهي وغيره گناهن کي ڇڏي چڪو آهي ۽ پنهنجي گھر وارن تي به انفرادي ڪوشش ڪندي انهن کي به نمازي بنائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي۔

سَنور جائے گی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ                          تم اپنائے رکھو سَدا مَدَنی ماحول

تمہیں لُطْف آجائے گا زندگی کا                               قریب آکے دیکھو ذرا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيدناعثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڪرامت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت ۽ ڪردار بابت ٻڌي رهيا هئاسين، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ذاتِ مبارڪه مان وقت بوقت اهڙين ڪيئي ڪرامتن جو ظهور ٿيو، جن کي ٻڌي عقل دنگ رهجي ويندا آهن، اچو اسان به هڪ ڪرامت ٻڌون ٿا:

هڪ ڀيري هڪ شخص رستي ۾ ڪنهن عورت کي بُري نگاهه سان ڏٺو، پوءِ جڏهن اهو اميرُالمُؤمِنِين حضرت سيدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي خدمت باعظمت ۾ حاضر ٿيو ته حضرت اميرُالمُؤمِنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ نهايت سخت لهجي ۾ فرمايو: توهان اهڙي حالت ۾ منهنجي سامهون اچو ٿا جو توهان جي اکين ۾ بدڪاري جا اثرات هوندا آهن! ان شخص چيو؛ ڇا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پوءِ هاڻي اوهان تي به وحي نازل ٿيڻ لڳي آهي؟ اوهان کي هي ڪيئن خبر پئي جو منهنجي اکين ۾ بدڪاري جا اثرات آهن؟ ارشاد فرمايائون: مون تي