Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

ويڊيو بيان ۽ مدني مذاڪرا ٻڌڻ ۽ مدني چينل ڏسڻ جي لاءِ ڪمپيوٽرز (Computers) وغيره فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي،

      ”المدينه لائبريري“ ۾ شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنتدَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ اَلمدِينَة العِلمِيه جا تحرير ڪيل مختلف مَوضُوعن تي مُشتمِل ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويا آهن، الله ڪريم”مجلس المدينه لائبريري“ کي وڌيڪ ترقيون عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                  اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

ان کی سُنَّت کا جو آئنہ دار ہے                                              بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مسواڪ جون سنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رِسالي ”163 مَدَني گل“ مان مِسواڪ بابت مدني گل ٻڌون ٿا۔ پهرين ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: ٭ ٻه رڪعتون مسواڪ (يعني ڏندڻ) ڪري پڙهڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهن. (الترغیب والترہیب ،۱/۱۰۲