Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

عُلُوِّ شان کا کیوں کر بیاں ہو آپ کی پیارے                                      حیا کرتی ہے مولیٰ آپ سے مخلوقِ نورانی

مجھے اپنی سَخاوت کے سمندر سے کوئی قَطرہ                                       عطا کردو نہیں درکار مجھ کو تاجِ سلطانی

عداوت اور کینہ ان سے جو رکھتا ہے سینے میں                                  وہی بدبخت ہے مَلعون ہے مردود شیطانی

مختصر وضاحت:(1) پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو بلند شان ڪهڙي طرح بيان ٿي سگھي ٿو! اوهان جي شان جو ته عالَم اهو آهي جو اوهان کان نوراني مخلوق يعني ملائڪ به حيا ڪن ٿا۔ (2) مون کي تخت ۽ تاج جي ڪا ضرورت ناهي، مون کي ته بس اوهان جي سخاوت جي سمنڊ مان هڪ قطرو گھرجي۔(3) جيڪو پنهنجي سيني ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي لاءِ دُشمني ۽ ڪينو رکي ٿو اهو تمام ئي وڏو بدبخت، ملعون ۽ مردُود آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي عبادت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پاڪيزه سيرت جو هڪ روشن پهلو اهو به هو ته پاڻ سڄي سڄي رات سجدن ۽ قيام ۾ گذاريندا ها، ڪڏهن سندن راتيون تلاوتِ قرآن ۾ گذرنديون هيون ته ڪڏهن سجدن ۽ قيام جون لذّتون ماڻيندي گذري وينديون هيون، اچو! حصولِ ترغيب جي لاءِ اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شوقِ عبادت ۽ تلا وت جا واقعا ٻڌون ٿا:

حضرت سيدُنا زبير بن عبدُالله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هميشه روزو رکندا هئا ۽ ابتدائي رات ۾ ڪجھ آٓرام ڪري پوءِ سڄي رات عبادت ۾ گذاريندا هئا۔ (مصنف ابن ابي شيبة،ڪتاب صلاة التطوع۔۔۔الخ،باب من ڪان يامرالخ،۲/۱۷۳، حديث:۶)