Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

کي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذات کان وڌيڪ کا شيء عزيز نه هئي۔

خود قرآنِ پاڪ ۾ الله پاڪ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم جو حڪم ڏنو آهي، جيئن

سيپاري 26 سُوْرَة الْفَتْح جي آيت نمبر 9 ۾ ارشادِ باري آهي :

  لِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ تُعَزِّرُوْهُ وَ تُوَقِّرُوْهُؕ-وَ تُسَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا(۹)

تَرجمَوڪنز الايمان: ته جيئن اي انسانو توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسول جي تعظيم ۽ احترام ڪريو، صبح ۽ شام الله جي پاڪائي بيان ڪريو۔

      بيان ڪيل آيت تحت تفسير صِرَاطُ الجِنَان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو! الله ڪريم جي بارگاھ ۾ حضور پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ توقير انتهائي مطلوب ۽ بي انتها اَهميت لائق آهي ڇوته هتي الله پاڪ پنهنجي تسبيح (پاڪي بيان ڪرڻ) تي پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ عزت کي مُقَدَّم فرمايو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ کان پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ڪن ٿا انهن جي ڪامياب ۽ بامُراد ٿيڻ جو اعلان ڪندي الله (ڪريم) ارشاد فرمائي ٿو:

       فَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِهٖ وَ عَزَّرُوْهُ وَ نَصَرُوْهُ وَ اتَّبَعُوا النُّوْرَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ مَعَهٗۤۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۠(۱۵۷) (پ۹،الاعراف:۱۵۷)

  تَرجَمَو ڪنز الايمان: پوءِ جيڪي ان تي ايمان آڻين ۽ سند تعظيم ڪن ۽ ان جي مدد ڪن ۽ ان    نُور جي پيروي ڪن جيڪو ان سان گڏ نازل ٿيو اُهي ئي با مُراد آهن۔

 (تفسيرصراط الجنان، پ۲۶، الفتح ، تحت الآية: ۹،۹/۳۴۷)