Book Name:Bimari Kay Faiedy

باري ۾ ڪهڙو حڪم ارشاد فرمايو، اهي تمام معاملا به پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ملاحظه فرمائي ورتا۔

نگاه مُصطَفٰي جي شان ۽ عظمت

نگاھ مُصطَفٰي جي شان ۽ عظمت بيان ڪندي حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: نبي ڪريم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي هر اُمّتي ۽ ان جي هر عمل کان خبردار آهن۔ حضورِ انور، شافعِ محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون نگاھون اونداهي، سوجھري، کليل، لڪيل، موجود ۽ معدوم (ختم ٿيڻ واري) هر شيء کي ڏسي وٺنديون آهن۔ (مراٰة المناجيح،۱/۴۳۹)

اميرِاهلسنّت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي رسالي ”سياه فام غلام“ جي صفحي نمبر17 تي لکن ٿا ته: الله پاڪ جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ربِّ ڪريم جي عطا سان پنهنجي غلامن جي عمرن کان به آگاھ آهن ۽ انهن سان جيڪو ڪجھ ٿيڻ وارو آهي، ان کي به ڄاڻن ٿا۔ قرآن پاڪ جي بيشمار آيتن مان سرڪارِمدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي علمِ غيب جو ثبوت ملي ٿو، جيئن

30 سيپاري سورة التڪوير جي آيت نمبر 24 ۾ ارشاد آهي؛

وَ مَا هُوَ عَلَى الْغَیْبِ بِضَنِیْنٍۚ(۲۴) (پ 30 التکوير 24)       

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ هي نبي غيب ٻڌائڻ ۾ بخيل نه آهي۔

۽ سيپارو 29سورهٔ جِنّ جي آيت نمبر26 ۽ 27 ۾ ارشادِ خداوندي آهي:

عٰلِمُ الْغَیْبِ فَلَا یُظْهِرُ عَلٰى غَیْبِهٖۤ اَحَدًاۙ(۲۶) اِلَّا مَنِ ارْتَضٰى مِنْ رَّسُوْلٍ (  ۲۹،الجن:۲۶،۲۷)        

ترجَمو ڪنز الايمان: غيب ڄاڻڻ وارو  پوءِ پنهنجي غيب تي ڪنهن کي به مسلط (غالب) نه ڪندو آهي. سواءِ پنهنجي پسنديده رسولن جي.