Book Name:Bimari Kay Faiedy

بُرو چوي ته اهي ٻئي ملائڪ چوندا آهن: تون انهيء حال ۾ رھ۔

(موطا امام مالڪ،ڪتاب العين،باب ما جاء في اجر المريض،۲/۴۲۹،حديث:۱۷۹۸،بتغيرقليل۔موسوعة لابن ابي الدنيا، ڪتاب المرض والڪفارات،۴/ ۲۳۸،حديث:۴۷،بتغيرقليل)

شڪوه عبادت جي لذّت کي ختم ڪري ڇڏيندي  آهي

مشهور بزرگ حضرت سَيدُنا شَقِيق بَلخِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن پنهنجي مصيبت جو ڪنهن سان شڪوو ڪيو ان کي ڪڏهن به عبادت جي لذّت نصيب نه ٿيندي۔ (منهاج القاصدين،ڪتاب الصبر والشڪر،ص ۳۲۳)

بخار جي شڪايت، درد جي شڪايت؟

اعليٰ حضرت، امامِ اهلِسنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: عوام ۽ خواص جي زبان تي اها ڳالھ مشهور آهي ته بخار جي شڪايت آهي، مٿي جي سور جي شڪايت آهي، زڪام جي شڪايت آهي، وغيره وغيره۔ اهو نه چوڻ گھرجي، ان ڪري جو سمورن مرضن جو اچڻ مِنْ جانِبِ الله (الله ڪريم جي طرف سان) هوندو آهي ته شڪايت ڪهڙي!

 (حياتِ اعليٰ حضرت ،۳/۹۴)

جيڪڏهن اسان الله وارن جي سيرت جو مطالعو ڪريون ته اها ڳالھ روزِ روشن جيان واضح ٿي ويندي ته اهي حضرات ڏکين حالتن ۾ به صابر ۽ شاڪر رهندا هئا۔ ايستائين جو شديد بيماري ۾ به انهن جي چپن تي ڪڏهن به ناشڪري جا لفظ نه ٻڌا ويندا هئا ۽ نه ئي اهي حضرات پنهنجي بيمارين جو تذڪرو ڪندا هئا، اچو! ترغيب جي لاءِ ٻه مختصر واقعا ٻڌون ٿا، جيئن

بخار جو تذڪرو زبان تي نه آندائون

حَنبَلِين جي عظيم پيشوا حضرت سيدُنا اِمام اَحمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ڪنهن پڇا ڪئي: اي ابو عبدُالله! اوهان ڪيئن آهيو؟ فرمايائون: خير ۽ عافيت سان آهيان۔ چيائين: ٻڌو آهي ڪلھ رات اوهان کي بخار هو؟ فرمايائون: جڏهن توهان کي چئي چڪو آهيان ته خير ۽ عافيت سان آهيان ته ڪافي آهي، جيڪا ڳالھ چوڻ نٿو چاهيان اها نه پڇا ڪيو۔ (منهاج القاصدين،ڪتاب الصبر والشڪر،ص۳۲۳)