Book Name:Bimari Kay Faiedy

جے میں ویکھا عملاں وَلے کجُھ نئیں میرے پلّے

جے میں ویکھاں رحمت ربّ دی بلّے بلّے بلّے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! بيان ڪيل حديثِ پاڪ مان اسان کي ڪجھ مدني گل حاصل ٿيا:

(1) پهريون مدني گل اهو مليو ته گفتگو ڪرڻ مهل مُسڪرائڻ سنَّت آهي۔ (مڪارِمُ الاخلاق،ص۳۱۹، رقم:۲۱) مُرڪي ملڻ، مُرڪي ڪنهن کي سمجھائڻ عام طور نيڪي جي دعوت جي مدني ڪم کي نهايت آسان بڻائيندو آهي ۽ حيرت انگيز نتيجن جو سبب بڻجندو آهي۔ اسان جي معمولي مُرڪ ڪنهن جو دل کٽي ان جي گناهن ڀري زندگي ۾ مدني انقلاب برپا ڪري سگھي ٿي۔ تنهنڪري سُنّت جي نِيت سان مُرڪي ملڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جي عادت بنائڻ جي ڪوشش جاري رکڻ گھرجي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ان جا فائدا (Benefits) پنهنجي کليل اکين سان ڏسندؤ۔

(2) ٻيو مدني گل اهو مليو ته بيمار شخص کي گھرجي ته هو عارضي تڪليف جي سبب پنهنجي بيماري کي هرگز هرگز ناپسند نه ڪري، بيماري کي بُرو ڀلو نه چوي بلڪ بيماري کي ربِّ ڪريم جي هڪ عظيمُ الشَّان نعمت سمجھي ۽ ان نعمت تي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪري، ان ڪري جو بيماري جي ڪري مريض (Patient) کي اهڙيون اهڙيون برڪتون، فائدا ۽ ثمرات نصيب ٿيندا آهن جو جيڪڏهن مريض کي انهن برڪتن جو علم ٿي وڃي ته سڄي عمر بيمار رهڻ ئي پسند ڪري، جيئن

بيماري به هڪ تمام وڏي نعمت آهي

بهارِ شريعت جا ليکڪ حضرت مُفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته: بيماري به هڪ تمام وڏي نعمت آهي، ان جا فائدا بي شمار آهن،