Book Name:Bimari Kay Faiedy

ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف فرما ٿيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ،ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳ مفهوماً) اچو! ترغيب لاءِ صداءِ مدينه لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

صَداءِ مدينه جون بَرَڪتون

 هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰه مون کي مديني شريف جي حاضري جي سعادت حاصل ٿي آهي ۽ اهو سڀ صداءِ مدينه جون برڪتون آهن ڇوته مان پابندي سان صداءِ مدينه لڳائيندو آهيان۔

هڪ اسلامي ڀاءُ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ هڪ شهر ۾ ويو، اَذانِ فَجر کانپوءِ اهي صداءِ مدينه لڳائيندا وڃي رهيا هئا ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان انهن سان شامِل ٿي ويو ۽ ان فَجر جي نَماز مسجد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقت نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ان ماڊرن نوجوان جي والِد ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين به ڏني۔

پڑوسی بَنا مجھ کو جنّت میں اُن کا                                       خدائے محمد برائے مدینہ

لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر                                      ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

(وسائلِ  بخشش مُرمّم،ص۳۶۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عام طور ڪجھ ماڻهو جڏهن مسلسل بيماري ۾ مبتلا رهڻ لڳندا آهن يا هڪ جي پٺيان ٻئي بيماري ايندي آهي ته انهن جي ذهنن ۾ عجيب ۽ غريب منفي خيال ۽ وسوسا گردش ڪرڻ لڳندا آهن، مثال طور مون ته ڪڏهن ڪنهن جو بُرو ناهي چاهيو“۔ ”ڪنهن جو حق ناهي کاڌو يا