Book Name:Bimari Kay Faiedy

امير ِاهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ وسائلِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:

یہ تِرا جسم جو بیمار ہے تشویش نہ کر یہ مَرَض تیرے گناہوں کو مِٹاجاتا ہے

اصل بربادکُن اَمراض گناہوں کے ہیں بھائی کیوں اِس کو فراموش کیا جاتا ہے

اصل آفت تو ہے ناراضیِ ربّ اکبر اس کو کیوں بھول کے برباد ہوا جاتا ہے

(وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۴۳۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيماري رحمت آهي

 حضرت سَيدُنا ابنِ مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ روايت ڪن ٿا ته، حضورِ پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: مومن تي تعجب آهي جو اهو بيماري کان ڊڄي ٿو، جيڪڏهن هن کي خبر پئجي وڃي ها ته بيماري ۾ ان جي لاءِ ڇا آهي؟ ته سڄي زندگي بيمار رهڻ پسند ڪري ها۔ پوءِ نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مٿو مبارڪ  آسمان ڏانهن کڻي مسڪرائڻ لڳا۔ عرض ڪيو ويو، يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان آسمان ڏانهن مٿو کڻي ڇو مسڪرايو؟ ارشاد فرمايائون: مان ٻن ملائڪن تي حيران آهيان جو اهي  ٻئي هڪ ٻانهي کي مسجد ۾ ڳولي رهيا هئا، جنهن مسجد ۾ اهو نماز پڙھندو هو، جڏهن ملائڪن ان کي نه ڏٺو ته واپس موٽي ويا ۽ عرض ڪيائون، اي ربِّ ڪريم! اسان تنهنجي فُلاڻي ٻانهي جي ڏينهن ۽ رات ۾ ڪيل عمل لکندا هئاسين، پوءِ اسان ڏٺو ته تو ان کي آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو۔ الله پاڪ فرمائيندو آهي: منهنجو ٻانهو ڏينهن ۽ رات ۾ جيڪو عمل ڪندو هو، ان جي لاءِ اهي عمل لکو ۽ ان جي اجر ۾ گهٽتائي نه ڪيو، جيستائين هو منهنجي طرفان آزمائش ۾ آهي، ان جو ثواب منهنجي ذِمّه ڪرم تي آهي ۽ جيڪي عمل اهو ڪندو هو، ان جي لاءِ انهن جو به ثواب آهي۔

 

(معجم اوسط،۲/ ۱۱،حديث: ۲۳۱۷)