Book Name:Bimari Kay Faiedy

توڙي جو انسان کي بظاهر هن سان تڪليف پهچندي آهي پر حقيقت ۾ راحت ۽ آرام جو هڪ تمام وڏو ذخيرو هٿ ايندو آهي۔ اها ظاهري بيماري جنهن کي ماڻهو بيماري سمجھندو آهي، حقيقت ۾ روحاني بيمارين جو هڪ تمام زبردست علاج آهي۔ اصل ۾ حقيقي بيماري روحاني امراض (يعني دُنيا جي مَحَبَّت، دولت جي لالچ ، ڪنجوسي، دل جي سختي وغيره) آهن جو اهي تمام وڏي خوف جو سبب آهن ۽ انهيء کي مرضِ مُهلِڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ واري بيماري) سمجھڻ گھرجي۔ (بهارِ شريعت،۱/۷۹۹)

یہ تِرا جسم جو بیمار ہے تشویش نہ کر یہ مَرَض تیرے گناہوں کو مِٹاجاتا ہے

اصل بربادکُن امراض گناہوں کے ہیں بھائی کیوں اِس کو فراموش کیا جاتا ہے

                                                                               (وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۴۳۲)

مختصر وضاحت: يعني تو کي هن ڳالھ کان بلڪل نه گھٻرائڻ گھرجي جو تنهنجو جسم بيماري ۾ مُبتَلا آهي، ان ڪري جو اهو مرض ته حقيقت ۾ تنهنجي گناهن کي مٽائڻ آيو آهي، جيڪڏهن گھٻرائڻو ئي آهي ته گناهن جي بيمارين کان گھٻرائڻ گھرجي ڇوته اهي انسان جي بربادي جو سبب بڻجندا آهن، پر افسوس! تون ته گناهن جي تباھ ڪارين کي بالڪل ئي وساري ويٺو آهين۔

(3) ٽيون مدني گل اهو به مليو ته ملائڪن، جنّن ۽ انسانن جا سردار، ٻنهي جھانن جا مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جھڙا بشر نه  آهن،  ملائڪن کي ڏسڻ ته پري جي ڳالھ آهي اسان کي ته مخصوص فاصلي تي موجود انسان يا وڏي شيء کي ڏسڻ ۾ به وڏي مشڪل پيش ايندي آهي، پر قُربان وڃجي! نگاھ مُصطَفٰي تي جنهن نه صرف لڪيل نوري مخلوق يعني ملائڪن کي ڏسي ورتو بلڪ اهي ڪهڙي مقصد جي لاءِ، ڪهڙي جڳھ تي ۽ ڪنهن کي ڳولڻ جي لاءِ آيا آهن، نمازي ڪهڙي سبب عبادت کان عاجز ٿيو، ملائڪن واپس موٽي ربِّ ڪريم کي ڇا عرض ڪيو ۽ الله پاڪ انهن کي بيمار جي