Book Name:Bimari Kay Faiedy

هن دعا جي ترغيب به موجود آهي: جيئن طبيبن جا طبيب، پيارا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي دعا گھرندا ها: اَللّٰھُمَّ اِنِّي اَسْئَلُک الْمُعَافَاة فِي الدُّنْيا وَالْآخِرَة‘‘ يعني اي الله پاڪ! مان  تو کان دنيا ۽ آخرت ۾ عافيت جو سُوال ڪيان ٿو۔ (ابن ماجه،ڪتاب الدعاء،باب الدعاء بالعفو…الخ،۴/۲۷۳،حديث:۳۸۵۱) اسان کي به وقت به وقت عافيت جي دعا گھرندي رهڻ گھرجي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بُخار جي شڪراني طور نفل ادا ڪرڻ وارا بُزرُگ

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: مٿي جو سور ۽ بخار اهي مبارڪ مرض آهن جيڪي انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام کي ٿيندا هئا، هڪ وَلِي الله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مٿي ۾ سور ٿيو، پاڻ ان جي شڪر ۾ سموري رات نفل ۾ گذاري ڇڏي ته ربُّ العزت مون کي اهو مرض ڏنو جيڪو انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام کي ٿيندو هو۔ الله اَڪبَر!اسان وٽ حالت اها آهي جو جيڪڏهن معمولي درد معلوم ٿي وڃي ته اهو خيال ڪندا آهن ته جلدي جلدي ۾ فرض نماز پڙھي وٺجي۔ پوءِ فرمايائون: هر هڪ مرض يا تڪليف جسم جي جنهن جڳھ تي ٿيندي آهي اها وڌيڪ ڪفارو انهيء جڳھ جو ٿيندي آهي ته هن جو خاص تعلق ان سان آهي، پر بخار اهو مرض آهي جو تمام جسم ۾ سرايت ڪري ويندو آهي جنهن سان بِاِذْنِهٖ تَعَالٰي (يعني الله ڪريم جي حڪم سان) تمام رَڳ رڳ جا گناھ ڪڍي وٺندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مون کي اڪثر بخار ۽ مٿي جو سور رهندو آهي۔ (ملفوظات اعليٰ حضرت، ص ۱۱۸ تا ۱۱۹)

دردِ سر ہو یا بخار  آئے تڑپ جاتا ہوں                                  میں  جہنَّم  کی  سزا  کیسے سہوں  گا یا رب!

عَفْوْ  کر اور  سدا  کیلئے  راضی  ہو جا                                        گر کرم کر دے تو جنَّت میں رہوں گا یا رب!

                                                                    (وسائل بخشش مُرَمَّم،ص ۸۵)