Book Name:Bimari Kay Faiedy

جي هڪ ڪتي کي ماريو آهي۔ اهو ٻُڌي  پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بي چين ٿي ويا ۽ پنهنجن مُريدن کي حُڪم ڏنائين ته فوراً اُن ڪتي کي تلاش ڪري هتي آڻيو جيئن ته ڪتو آندو ويو، حضرت اَمِيرِ مِلّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اٿيا ۽ روئيندي اُن ڪتي سان مُخاطِب ٿي چوڻ لڳا: اي حبيب جي ديس ۾ رہڻ وارا! لِله (يعني اللہ پاڪ جي واسِطي) منهنجي مُريد جي اِن  غلطي کي مُعاف ڪري ڇڏ ۔ پوءِ ڀُڳل گوشت اُن کي کارايائين ۽ کير گهرائي پياريائين، پوءِ اُن کي چيائين: جماعت علي شاھ توکان مُعافي گهري ٿو، خُدارا! اِن کي مُعاف ڪري ڇڏجان۔  

                                                           (سنّی علماء کی حکایات نمبر:۳۷، ص ۲۱۱ملخصاً)

آپ کی گلیوں کے کُتّوں پہ تَصَدُّق جاؤں                               کہ مدینے کے وہ کُوچوں میں پِھرا کرتے ہیں

آپ کی گلیوں کے کُتّے مجھ سے تو اچّھے رہے                    ہے سُکوں اُن کو مُیَسَّر سبز گُنبد دیکھ کر

(وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۲۳۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

عيادت بابت مدني گل

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! عيادت بابت مَدَني گل ٻڌون ٿا: فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: مسلمان جڏهن پنهنجي مسلمان ڀاء جي عيادت لاءِ ويندو آهي ته واپس موٽڻ تائين هميشه جنت جا ميوا چونڊيندو رهندو آهي۔ (مسلم ،ڪتاب البروالصله ،باب فضل عيادة المريض،ص۱۰۶۵، حديث: ۲۵۶۸) ٭ مريض جي عِيادت ڪرڻ سُنَّت آهي۔ ٭جيڪڏهن معلوم آهي ته عِيادت لاءِ ويندو ته ان بيمار کي ناپسند لڳندو ته