Book Name:Bimari Kay Faiedy

بخار کي بُرو نه چئو

سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيدَتُنا اُمِّ سائب رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا وٽ تشريف وٺي ويا۔ فرمايائون: توهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڏڪي رهيون آهيو؟ عرض ڪيائون: بخار ٿي پيو آهي، الله پاڪ ان ۾ بَرڪت نه ڪري، ان تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ”بخار کي بُرو نه چئو ڇوته اهو انسان جي خطائن کي اهڙي طرح پري ڪندو آهي جيئن بٺي لوھ جي مير کي پري ڪندي آهي۔“ (مسلم، ڪتاب البر والصلة، باب ثواب المؤمن الخ ص۱۰۶۸، حديث: ۲۵۷۵)

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: بيماريون هڪ يا ٻن عُضوئن کي ٿينديون آهن  پر بخار مٿي کان پيرن تائين هر رڳ ۾ اثر ڪندو آهي، تنهنڪري هي سڄي جسم جي خطائن ۽ گناهن کي مُعاف ڪرائيندو۔ (مرآة المناجيح،۲/۴۱۳)

جڏهن شهنشاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو ارشاد فرمايائون:
بخار گناهن جو ڪفارو آهي۔ (مسلم، ڪتاب البر والصلة، باب ثواب المؤمنالخ، ص۱۰۶۸، حديث:۲۵۷۵، مفھومًا) ته حضرت سيدُنا زيد بن ثابت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هميشه بخار ۾ رهڻ جي دعا ڪئي۔ پوءِ انتقال فرمائڻ تائين سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تي بخار جي ڪيفيت طاري رهي۔ (قوت القلوب،شرح مقام التوڪل ووصف احوال المتوڪلين، ۲/ ۳۹)

ڪجھ انصاري صحابي سڳورن عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ به اها ئي دعا ڪئي ته انهن تي به (انتقال فرمائڻ تائين)  بخار جي ڪيفيت طاري رهي۔ (احياء العلوم، ٤/٨٥٨)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رهي فضائلِ دُعا جي صفحي نمبر 173 تي آهي ته هلڪو بخار، زڪام، مٿي جو سور ۽ اهڙي طرح جا ٻيا ننڍڙا مرض مصيبت نه آهن بلڪ نعمت آهن۔ (ان جي دعا ڪري سگهجي ٿي)

ياد رهي! بيماري توڙي جو نعمت ئي آهي، پر اسان ڪمزورن کي پنهنجي لاءِ بيماري جي نه بلڪ عافيت جي دُعا ڪرڻ گھرجي۔ حديثِ پاڪ ۾