Book Name:Bimari Kay Faiedy

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عام طور ڪجھ ماڻهن جي اها عادت هوندي آهي ته جڏهن بيمار ٿيندا آهن ۽ ڪو ماڻهو پڇڻ ايندو اٿن ته هروڀرو انهن جي سامهون شڪوا شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيندا آهن۔ مثال طور ”اڙي ڀاءُ! ڇا ٻڌايان؟ بيماريون جان ئي نٿيون ڇڏين“۔ ”علاج ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پيو آهيان پر ڪٿان کان فائدو نه پيو ٿئي“۔ ”ايترو پرهيز ڪيان پيو پر ”مَرَض ويتر وڌندو پيو وڃي“۔ ”مهانگن ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن وٽ پڻ ويس“۔ ”مهانگن اسپتالن ۽ دواخانن جا ڌڪا به کاڌا“۔ ”مهانگيون دوائون به استعمال ڪيون، هڪ عرصي کان تعويذ به استعمال ڪري رهيو آهيان، ڪيئي ڀيرا مدني قافلن ۾ به سفر ڪري چڪو آهيان پر بيماريون آهن جو جند ڇڏڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن “۔ ”اڙي ڀاءُ! حال ڪهڙو پڇو ٿا؟ بيمارين ته جواني ۾ ئي پوڙھو ڪري ڇڏيو آهي“۔”معدو خراب رهي ٿو“۔ ”ڪمزوري وڌندي پئي وڃي“۔ ”شوگر Sugar، بلڊ پريشر(B.P.) ۽ يورڪ ايسيڊ (Uric acid) وڌي چڪو آهي “۔”دل، گُردي يا جگر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي“۔”بيمارين جي سبب ته مان زندگي جي حقيقي خوشين لاءِ ترس رهيو آهيان۔“وغيره وغيره۔

ياد رکو! بيماري جي حالت ۾ صبر ڪرڻ جي بدران ماڻهن کي پنهنجا ڏُکڙا ٻڌائڻ، بيمارين جو ٻڌائڻ ۽ بي صبري جو مظاهرو ڪرڻ سان مرض ٺيڪ ٿيڻ کان ته رهيو، اُبتو اهڙي گفتگو سان بيماري جي برڪتن کان محرومي ٿي سگھي ٿي، جيئن ته

ملائڪن جي دعا کان محروم بيمار

حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن ڪو شخص بيمار ٿيندو آهي ته الله پاڪ ٻن ملائڪن کي حڪم فرمائيندو آهي: ڏسو! اهو شخص عيادت ڪرڻ وارن کي ڇا چوي ٿو؟ جيڪڏهن اهو الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري ۽ چڱي ڳالھ ڪري ته ٻئي ملائڪ ان کي دعا ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن شڪايت ڪري ۽ بيماري کي