Book Name:Bimari Kay Faiedy

اهڙي حالت ۾ عِيادت نه ڪري۔ ٭ عِيادت لاءِ وڃي ۽ مرض جي سختي ڏسي ته مريض جي اڳيان اهو ظاهر نه ڪري ته توهان جي حالت خراب آهي ۽ نه مٿو لوڏي جنهن سان حالت جو خراب هئڻ سمجھيو وڃي۔ ٭ ان جي اڳيان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ گھرجن جيڪي ان جي دل کي وڻنديون هجن۔ ٭ ان جي مزاج پُرسي ڪري۔ ٭ ان جي مٿي تي هٿ نه رکي پر جڏهن ته هو پاڻ ان جي خواهش ڪري۔ ٭ فاسق جي عِيادت به جائز آهي ڇوته عيادت حُقوقِ اسلام مان آهي ۽ فاسِق به مسلم آهي۔ (بهارِ شريعت،حصه ۱۶،۳/۵۰۵ ملخّصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!    آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: ”ذوالحج جي فضيلت“ هن بيان ۾ اِنْ شَآءَ الله ذوالحج جي فضيلت، قرباني جون فضيلتون ۽ مسئلا، گوشت جا طبي فائدا ۽ وڌيڪ کائڻ جا نقصان به بيان ڪيا ويندا جڏهن ته آخر ۾ عرب ۽ عجم جي شيخ، خليفهء اعليٰ حضرت، سيدي قُطبِ مدينه حضرت علّامه مَولانا ضياءالدّين احمد مَدَني قادري رضوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سيرت جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ٿينديون، لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين