Book Name:Bimari Kay Faiedy

گذار ٻانها به بيمارين جي ذريعي آزمايا ويندا آهن، ٭ الله پاڪ بيمارين جي ذريعي ٻانهن کي چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي رُتبي تي فائز ڪرڻ جو ارادو فرمائيندو آهي، ٭ الله پاڪ بنا گھرڻ جي ئي بيماري جهڙي نعمت ۽ رحمت ٻانهي کي عطا فرمائيندو آهي، لهٰذا جڏهن به بيماري جي حالت ۾ وسوسا اچڻ لڳن ته پنهنجو ذهن ائين ٺاهيو ته بيمارين ۾ بي شمار حڪمتون آهن، پر مون کي انهن جو علم ناهي، جيڪڏهن مان بيماري ۾ مبتلا نه ٿيان ها ته شايد مان يادِ الٰهي، دِيني ڪم ۽ احڪام، قبر ۽ آخرت جي معاملن کان غافل ٿي وڃان ها، منهنجي سبب دِين جو نقصان ٿي وڃي ها، مان ڪنهن فتني جو شڪار ٿيان ها، ڪنهن خطرناڪ بُرائي مَثال طور غُرور ۽  تَڪبُّر ۾ مبتلا ٿي وڃان ها ته يقيناً هلاڪت ۽ بربادي منهنجو مقدَّر بڻجي وڃي ها، جيئن ته

جسم بيمار نه ٿئي ها

حضرت سَيدُنا امام زينُ العابدين علي بن حُسين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن جسم بيمار نه ٿئي ته اهو آڪڙجي ويندو آهي ۽ آڪڙجندڙ جسم ۾ ڪا ڀلائي ناهي هوندي۔  (الله والوں جي باتيں،۳/۱۹۴)

فرعون جو خدائي جي دعوٰي ڪرڻ جو سبب

هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: فرعون جي خدائي جو دعوٰي ڪرڻ جو سبب اهو هو جو هو ڊگھي عرصي تائين صحت مند (Healthy) رهيو، ايستائين جو 400 سال گذري ويا پر ان جي مٿي ۾  به سور نه ٿيو نه ڪڏهن بخار ٿيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن رَڳ ۾ تڪليف ٿي، الله پاڪ جي هن تي لعنت هجي، جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اڌ مٿي ۾ به درد ٿئي ها ته خدائي جي دعوٰي ڪرڻ ته   پري  رهيو پر فضول ڪمن کان ئي جان ڇڏائي وٺي ها۔  (احياء العلوم،٤/٨٦١)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس ذرائع آمد و رفت