Book Name:Bimari Kay Faiedy

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته بيماري تڪليف جو سبب ناهي، بلڪ رحمت جو سبب ٿيندي آهي، تنهنڪري بيماري کي غنيمت سمجھو ۽ هر حال ۾ الله ڪريم جي رِضا تي راضي رهڻ واري مدني سوچ پنهنجي اندر بيدار ڪريو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اسان کي هر حال ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ  جو ذهن ڏيندو آهي، تنهنڪري اسان به هن مدني ماحول سان وابسته رهندي خدمتِ دِين ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيون۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه  عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي تحت 107 شعبا قائم آهن، انهن مان هڪ ”مجلسِ ذرائع آمد و رفت“ به آهي، هن شعبي جو ڪم ائيرلائنز، ائير پورٽس، ريلويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، پرائيوٽ ٽرانسپورٽ، گُڊز اِسٽيشنز ۽ انهن سان لاڳاپيل مُختلِف اِسٽينڊز ۽ مارڪيٽس ۽  شورومز سان وابسته اسلامي ڀائرن ۾ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني پيغام کي عام ڪرڻ ۽ اُنهن کي دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ڪندي هن مَدَني مَقصَد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي، جي مطابق زندگي گذارڻ جو مَدَني ذِهن ڏيڻ آهي۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                         اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

                                                           (وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۳۱۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تذڪرو اميرِ مِلَت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ذُوالْقَعدَة الحَرَام جو مبارڪ مهينو پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه هن مبارڪ مهيني جي 26 تاريخ تي مشهور عاشقِ رسول بزرگ، اميرِملّت حضرت پير سيد جماعت علي شاه نقشبندي مُحَدِّث علي پوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس به ملهايو ويندو آهي۔ اچو! انهيء مناسبت سان اسان سندن سيرت جي ڪجھ روشن پهلوئن جي باري ۾ ٻڌون ٿا: