Book Name:Bimari Kay Faiedy

شڪايت ڪهڙي؟

خليفه اعليٰ حضرت مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي: هڪ ڀيري اعليٰ حضرت (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) بيمار ٿي پيا، مان پڇڻ جي لاءِ ويس، معمول موجب پڇا ڪئي: حضور! هاڻي شڪايت جو ڇا حال آهي؟ فرمايائون: شڪايت ڪنهن سان؟ الله پاڪ کان نه ته شڪايت پهريان هئي نه هاڻي آهي، ٻانهي کي خدا سان ڪهڙي شڪايت! (صَدْرُالشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته:) اهو ٻڌي مون سڄي زندگي جي لاءِ ان جملي کان توبه ڪري ورتي۔ (فتاويٰ امجديه ،۲/۳۸۸)

زَباں پر شِکوۂ رنج و اَلَم لایا نہیں کرتے                                    نبی کے نام لیوا غم سے گھبرایا نہیں کرتے

 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

  اي عاشقانِ رَسُول اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ٭ الله وارا بيماري کي الله ڪريم جي رحمت سمجھندا آهن، ٭ الله وارا بيماري جي سبب پريشان ناهن ٿيندا، ٭ الله وارا بيماري ۾ به ربِّ ڪريم جي رضا تي راضي رهندا آهن، ٭ الله وارا بيماري ۾ به پنهنجي اعصاب تي قابو رکندا آهن، ٭ الله وارا بيماري ۾ به بي صبري ۽ ناشڪري ناهن ڪندا، ٭ الله وارا پنهنجي مصيبت ۽ بيماري کي لڪائيندا آهن، ٭ الله وارا بيماري ۾ به شڪرِ الٰهي ادا ڪندا آهن  ۽ ٭ الله وارا بيماري ۾ به شڪوا شڪايت ڪرڻ جهڙي بُري عادت کان هميشه پري ئي رهندا آهن۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به انهن الله وارن جي نقشِ قدم تي هلندي بيماري ۾ صبر ۽ شڪر سان ڪم وٺڻ، ربِّ ڪريم جي رضا تي راضي رهڻ ۽ هر ڪنهن کي پنهنجا ڏُکڙا ٻڌائڻ بدران بيماري جون برڪتون ماڻڻ وارا بڻجي وڃون۔ الله وارن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو جذبو ۽ بيمارين جون حقيقي برڪتون لُٽڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن کي پنهنجي عادت بڻايو۔ 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“ به آهي۔