Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

     مختصر وضاحت: اي حسن! مان الله پاڪ جو ٻانهو آهيان جيڪو هر شيء تي قادر آهي ۽ هر بگڙيل ڪم بنائڻ وارو آهي، ان ڪري منهنجا مشڪل ڪم خودبخود ٺيڪ ٿي ويندا آهن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حڪايت مان حاصل ٿيل مدني گل

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته جيڪو پنهنجي عملن جو محاسبو ڪندو رهي يعني غوروفڪر ڪندو رهي ۽ پاڻ کي هر وقت الله پاڪ کان ڊيڄاريندو رهي ته اهو نيڪ عمل ان کي دنيا جي آٓزمائشن کان به بچائي وٺندو آهي ۽ آخرت ۾ به ان جي لاءِ فائدي جو سبب بڻجندو آهي۔

      ٻي ڳالھ اها به معلوم ٿي ته پنهنجو محاسبو ڪندو رهڻ جي عادت سان ٻانهو گناهن کان به بچي ويندو آهي۔ هاڻي اسان ٻڌو ته هو عابد جڏهن عورت جي دعوتِ گناھ ڏانهن مائل ٿيو ته پنهنجو مُحاسبو ڪرڻ جي عادت ڪري هڪدم ان جي واتان اهو جُملو نڪتو: ”اي نَفس! الله کان ڊڄ!“ ۽ پوءِ ان تي خوفِ خُدا اهڙو غالب ٿيو جو هو گناھ کان بچي ويو۔

ٽئين ڳالھ اها به معلوم ٿي ته مُشڪل وقت ۾ نيڪيون هميشه ڪم اينديون آهن، بلڪ نيڪين جي برڪت سان مشڪل وقت ۾ به الله پاڪ جي مدد شامل ٿيندي آهي، جڏهن ان نيڪ شخص گُناھ کان ڇوٽڪاري جي لاءِ ڇت (Roof) تان ٽپو ڏنو ته مَدَدِ اِلٰهي جي ڪري جاني هلاڪت ۽ جسماني مُصِيبت کان محفوظ رهيو۔ يقيناً اهو ان جي نيڪين جي برڪت ئي هئي جو مددِ الٰهي ان سان گڏ شامل ٿي۔ هتي اها ڳالھ ذهن نشين رهي ته اسان جي شريعت ۾ پنهنجو پاڻ کي هلاڪت ۾ وجھڻ جي اجازت نه آهي۔ بهرحال اسان کي گھرجي ته پنهنجي عملن جو محاسبو ڪندي پاڻ کي گناهن کان بچايون ۽ ڪثرت سان نيڪ عمل ڪريون۔