Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

ڏنو: ”مون کي پنهنجي ربّ جو خوف آهي.“ اها عورت چوڻ لڳي: ”تون منهنجي خواهش پوري ڪرڻ جي بغير هتان وڃي نه ٿو سگھين.“ ان شخص ٻيهر چيو: ”اي نفس! الله کان ڊڄ.“ ۽ نجات جي ترڪيب سوچڻ لڳو. آخرڪار ان عورت کي چيو: ”مونکي مهلت ڏي ته آئون ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري وٺان.“ اجازت ملڻ تي ان وُضُو ڪيو ۽ ڇت تي هليو ويو، ان ٻه رڪعتون ادا ڪرڻ کان بعد ڇت کان هيٺ نهاريو ته ان جي اونچائي تقريبًا ويھ (20) گز هئي. ان بي وسي وچان آسمان جي طرف ڏٺو ۽ عرض ڪرڻ لڳو: ”اي منهنجا ربّ! آئون وڏي عرصي کان تنهنجي عبادت ۾ مصروف آهيان، مون کي هن آفت کان نجات عطا فرماءِ.“هي چئي ڪري هن ڇت کان ٽپو ڏنو. الله پاڪ حضرت سَيدُنا جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو: ”وڃ منهنجي ٻانهي کي زمين تي ڪرڻ کان اڳ سنڀالي وٺ، ڇو جو ان منهنجي ناراضگي جي ڊپ سبب ٽپو ڏنو آهي. حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام جن نهايت تيزي سان اچي ڪري ان شخص کي سنڀالي ورتو ۽ زمين تي ويهاري ڇڏيو. هن آفت کان بچي هو خوشي خوشي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو۔ گھر پهتو ته ڏٺائين ته ان جا گھر وارا بک ۽ اُڃ جي شدت سان غمگين آهن، هو به انهن سان گڏ ويهي رهيو۔ ٿوريء دير ۾ ان جو هڪ پاڙيسري آيو ۽ ان عابد کي چيائين ته ڪجھ مانيون ڏيو، عابد چيائين: الله جو قسم اسان وٽ ته کائڻ لاءِ ڪجھ به ناهي، تندور ڏسو ان ۾ به ڪجھ نه آهي۔ هو پاڙيسري تندور ڏانهن وڌيو ته ان کي ان ۾ پچيل مانيون نظر آيون۔ ان عابد کي هن ڳالھ جي خبر ڏني۔ جڏهن ان جي گھر وارن اهو معاملو ڏٺو ته انهن کي گھڻو تعجب ٿيو، ان عابد جي زال چوڻ لڳي: يقيناً هن ۾ اسان جو ڪجھ ڪمال ناهي بلڪ اهو سڀ تنهنجي برڪت ۽ ڪرامت جي ڪري آهي، ٻڌاء هن جو راز ڇا آهي؟ پوءِ ان عابد پنهنجو راز کوليو ۽ اهو مڪمل واقعو بيان ڪيائين جنهن جي برڪت سان ان تي اهي انعامات ٿيا ها۔ (دُرّۃُ الناصحین،المجلس التاسع والستون …الخ،ص۲۷۰ ملخصاً)

کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حسنؔ

بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کارساز کا