Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

ويندي آهي وَلاَ يزِيدُ فِي الْعُمْرِ اِلاَّ الْبِرُّ ۽ نيڪين سان عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي، فَاِنَّ الرَّجُلَ لَيحْرَمُ الرِزْقَ بِالذَّنْبِ يصِيبُہ بيشڪ ٻانهو گناھ جي ڪري ان رِزق کان محروم ڪيو ويندو آهي جيڪو ان کي ملڻو هوندو آهي۔ (المستدرک،کتاب الدعاء والتکبیر،باب:لایرد القدر...الخ ، ۲/۱۶۲، حدیث۱۸۵۷)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اسان مُعاشي ترقي ۽ برڪت جا خواهش مند آهيون ۽ طرح طرح جي مصيبتن ۽ رِزق جي محرومين کان بچڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گُناهن جي مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، نيڪين سان تعلق ڳنڍڻو پوندو، هاڻي اسان آيت سڳوري ۾ به ٻڌو ته جيڪو الله پاڪ جي خوف جي ڪري گناهن کان بچندو آهي ان کي اهڙي مقام کان رزق ڏنو ويندو آهي جو جتي ان جو گمان به ناهي پهچندو۔ الله ڪري جو اسان گناهن کان بچڻ وارا بڻجي وڃون ۽ اسان جون معاشي پريشانيون دور ٿي وڃن۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

   اَمِيرِ اهلسنّت، حضرت ِ علّامه مَولانا محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڇا خُوب فرمائن ٿا:

عاشقِ مال اس میں سوچ آخر                                      کیا عُروج و کمال رکھا ہے؟

تجھ کو مل جائے گا جو قسمت میں                                 تیری رزقِ حلال رکھا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

نفس جو مُحاسَبو ۽ قرآن

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ شڪ ناهي ته گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين جي ڪثرت ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو استقامت سان پنهنجي عملن تي غوروفڪر ڪرڻ به آهي۔ جيڪو مسلمان به هن بهترين عادت کي اپنائي وٺي ۽ روزانو پنهنجو محاسبو (Self accountability) ڪري ته ان جي گُفتار و ڪردار