Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ اسلام جي بنيادي مقصدن مان آهي۔ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو هن مقصد کي وساريندو پيو وڃي، اصلاح جو هڪ بهترين ذريعو نفس جومُحاسَبو (يعني غوروفڪر) به آهي، اڄ اسان مُحاسَبَهءِ نفس جي اهميت ۽ ان جي فائدن بابت ٻڌنداسين۔ بزرگن جي نفس جي محاسبي بابت ڪجھ واقعا به ٻڌنداسين، اڄ جي دور ۾ اسان روزانو جي بنياد تي پنهنجي عملن جو جائزو ڪهڙي طرح ڪري سگھون ٿا؟ هن باري ۾ به ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا۔ الله ڪري جو سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

   اچو! سڀ کان پهريان محاسَبَهءِ نفس جي برڪت تي هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

اي نفس! الله کان ڊڄ!

بني اسرائيل جو هڪ شخص نهايت عبادت گذار هو. اهو رات جو الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف رهندو ۽ ڏينهن جو گھمي ڦري ڪجھ شيون ماڻهن کي وڪرو ڪندو هو. اهو اڪثر پنهنجي نفس جو محاسبو (يعني پنهنجي عملن جو جائزو وٺندي) ڪندي چوندو هو: ”اي نفس! الله کان ڊڄ.“ هڪ ڏينهن اهو معمول جي مطابق پنهنجي گھر کان روزي ڪمائڻ جي لاءِ نڪتو ۽ هلندي هلندي هڪ امير جي دروازي وٽ پهتو ۽ پنهنجون شيون وڪرو ڪرڻ جي لاءِ صدا لڳائي. امير جي گھرواري جڏهن ان حسين شخص کي پنهنجي دروازي جي ويجھو ڏٺو ته ان کي بهاني سان محل جي اندر سڏائي ورتو پوءِ ان کي چوڻ لڳي: اي واپاري! منهنجي دل تنهنجي طرف مائل ٿي چڪي آهي، مون وٽ گھڻو مال آهي ۽ بهترين لباس آهن، تون اِهو ڪم ڇڏي ڏي آئون توکي ريشمي لباس ۽ گھڻو مال ڏيندس. هي پيشڪش ٻڌي ڪري ان جو نفس ان عورت جي طرف مائل ٿيڻ لڳو، پر فورًا ان پنهنجي عادت جي مطابق (نفس کي مخاطب ڪندي) چيو: ”اي نفس! الله کان ڊڄ“ پوءِ ان عورت کي جواب