Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                   نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عيادت ڪرڻ جا مدني گل!

 عيادت ڪرڻ رسول پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارَڪ سنّت آهي، اچو! ان باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌو۔ ٭ 2 فرمانِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ :{۱} عُوْدُوا الْمَرِيضَ يعني مريض جي عِيادت ڪريو. (الادب المفرد، ص۱۳۷، حديث۵۱۸) {۲} جنهن به سٺي طريقي سان وُضُو ڪيو پوءِ ثواب جي نيّت سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪئي ته ان کي جهنّم کان 70 سالن جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو۔ (ابوداوٗدج۳ص۲۴۸حديث ۳۰۹۷) ٭ بيمار جي عِيادت ڪرڻ سنّت آهي جيڪڏهن معلوم آهي ته عِيادت ڪرڻ ان بيمار شخص کي نٿو وڻي ته انهيءَ حالت ۾ عِيادت جي لاءِ نه وڃي۔ (بهار شريعت ج۳ص۵۰۵) ٭ جيڪڏهن بيمار سان اوهان جي دل ۾ ناراضگي يا طبيعت ۾ ان سان مناسبت ناهي تڏهن به عيادت ڪريو ٭ سنّت جي پيروي جي نيّت سان عِيادت ڪجي جيڪڏهن رڳو هن جي لاءِ عيادت ڪئي ته جڏهن مان بيمار ٿيان ته هو مون وٽ عيادت جي لاءِ اچي ته ثواب نه ملندو٭  ڪنهن جي عِيادت جي لاءِ وڃو ۽ مَرَض جي سختي ڏسو ته ان کي ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون نه ڪريو مثلاً تنهنجي حالت خراب آهي ۽ نه ئي ان انداز سان مٿو هلايو جنهن سان حالت جو