Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

پير پنهنجي مُريد جي لاءِ چوي ته ان جي صحبت ۾ پنهنجي لاءِ بهتري محسوس ڪندو هئس، جيڪو پير پنهنجي مُريد جي لاءِ چوي ته مون کي ان جي صحبت پسند هئي، اهڙو مُريد ڪيترو خوش نصيب ۽ خوش قِسمت هوندو۔

 الله ڪريم! اسان کي به پنهنجي پيرو مُرشد سان سچي محبت عطا فرمائي ۽ حاجي زم زم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صدقي اسان کي به مدني انعامات جو سچو عامل بڻائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس”المدينه لائبريري“

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي عملن تي غوروفڪر ڪرڻ جو پابند بڻجڻ ۽ مدني انعامات تي عمل ڪرڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ ڪم وپيش 107 شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن مان هڪ شُعبو بنام ”مجلس المدينه لائبريري“ به آهي۔ هن مجلس تحت مدني مراڪز فيضانِ مدينه (عينِ مسجد جي علاوه ڪنهن ٻي هنڌ) ”المدينه لائبريري“ جي نالي سان هڪ اسلامي ڪتب خانو قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مُطالعي جي لاءِ خُوشگوار ماحول، آڊيو، ويڊيو بيان ۽ مدني مذاڪرا ٻڌڻ ۽ مدني چينل ڏسڻ جي لاءِ ڪمپيوٽرز(Computers)وغيره جي ترڪيب بڻائي ويندي آهي، ”المدينه لائبريري“ ۾ شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنتدَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ اَلمدِينَة العِلمِيه جا تحرير ڪيل مختلف مَوضُوعن تي مُشتمِل ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويا آهن، الله ڪريم”مجلس المدينه لائبريري“ کي وڌيڪ ترقيون عطا فرمائي۔
 
اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                  اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہے